سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقريب، پي وي سي ڊاڪٽر عبدالستار شاهه سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ تحت 180 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اسڪالرشپ جا چيڪ ورهايا: تعليم سماجي تبديلي ۽ قومي ترقي لاءِ سڀ کان سگهارو اوزار آهي، شاگردن کي گهرجي ته هو مليل مالي سهائتا جو قدر ڪن ۽ ان کي تعليمي فائدي لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪن: پي وي سي ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ ۽ ميان احمد عالم پاشا جو تقريب کي خطاب

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گذريل ڏينهن هڪ دل کي ڇهندڙ ۽ حوصلو بخشيندڙ تقريب منعقد ٿي، جتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 180 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ تحت اسڪالرشپ جا چيڪ ڏنا ويا. تقريب دوران مجموعي طور 9.2 ملين (92 لک) رپين جا اسڪالرشپس چيڪ ورهايا ويا. وائيس چانسلر جي نمائندگي ڪندي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ ۾ واقع شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران چيڪ 180 مستحق شاگردن ۽ شاگردياڻين حوالي ڪيا. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر اسڪالرشپ حاصل ڪندڙ شاگردن کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي چيو ته مالي سهائتا باصلاحيت پر گهٽ وسيلن وارن شاگردن لاءِ اعليٰ تعليم جا در کولڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته اهڙا تعليمي منصوبا نه رڳو خاندانن تي مالي بار گهٽائين ٿيا پر شاگردن کي به پنهنجي تعليم تي مڪمل ڌيان ڏيڻ لاءِ همٿائين ٿيا. ڊاڪٽر عبدالستار شاهه وڌيڪ چيو ته تعليم سماجي تبديلي ۽ قومي ترقي لاءِ سڀ کان سگهارو اوزار آهي، شاگردن کي گهرجي ته هو مليل مالي سهائتا جو قدر ڪن ۽ ان کي تعليمي فائدي لاءِ ڏاڪڻ طور استعمال ڪن. پرو وائيس چانسلر زور ڀريو ته سنڌ يونيورسٽي ميرٽ ۽ هڪجهڙا موقعا ڏيڻ واري نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن مالي مسئلن سبب ڪو به قابل شاگرد اعليٰ تعليم کان محروم رهجي نه وڃي. هن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صلاح ڏني ته هو پنهنجي تعليمي سفر دوران نظم و ضبط، محنت ۽ اخلاقي قدرن کي برقرار رکن ۽ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ايمانداري ۽ لگن سان ملڪ ۽ سماج جي خدمت ڪن. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ چيو ته اسڪالرشپ تقريب دراصل مادر علمي جي شاگرد دوست پاليسين ۽ مستحق شاگردن جي حمايت لاءِ جاري ڪوششن جو ثبوت آهي. هن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا شاگردن لاءِ فلاح ۽ بهتري تي ٻڌل قدمن کي وڌيڪ فروغ ڏيارڻ لاءِ بي لوث محنت ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪالرشپس لاءِ منعقد ڪيل چونڊ عمل دوران شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويو ته جيئن انصاف ۽ ميرٽ کي يقيني بڻائي سگهجي. هن سنڌ ايجوڪيشنل اينڊومينٽ فنڊ پروگرام جي واکاڻ ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اهڙي مالي مدد سان شاگرد اعتماد ۽ وقار سان پنهنجون ڊگريون مڪمل ڪري سگهندا. سنڌ يونيورسٽي جي اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي انچارج ڊائريڪٽر ميان احمد عالم پاشا چيو ته سنڌ ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ جون اسڪالرشپس سخت ميرٽ تحت ۽ مڪمل جاچ پڙتال کانپوءِ ڏنيون ويون ۽ شفافيت کي برقرار رکيو ويو. هن وضاحت ڪئي ته درخواست ڏيندڙن جي مالي حالتن ۽ تعليمي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ تفصيلي انٽرويو ڪيا ويا ۽ شفافيت ۽ ميرٽ سنڌ يونيورسٽي جي هر آفيس جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. تقريب ۾ ڊپارٽمينٽ آف مسلم هسٽري جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي لغاري، آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ انچارج پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو، سينڊيڪيٽ ميمبر اميد علي رند، ڊاڪٽر شازيه عباسي، ڊاڪٽر مبارڪ علي لاشاري، اجويد احمد، قمر نانگراج ۽ عبدالرافع ميمڻ پڻ شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/04/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تقريب، پي وي سي ڊاڪٽر عبدالستار...
View Details → 02/04/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي باڪسرن جي پاڪستان ٽيلنٽ هنٽ ۾ شا...
View Details → 02/04/2026
1024 x 768
SU PVC hands over SEEF scholarship cheques amounting to Rs 9.2 to 180 students
View Details → 02/04/2026