سنڌ يونيورسٽي جي باڪسرن جي پاڪستان ٽيلنٽ هنٽ ۾ شاندار ڪارڪردگي، ٻن سونن ميڊلز سميت 3 تمغا حاصل ڪري ورتا
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي شاگردن پاڪستان آرمي جي اهتمام هيٺ ٿيل پاڪستان ٽيلنٽ هنٽ باڪسنگ چئمپينشپ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندي 3 تمغا پنھنجي نالي ڪري ورتا. سڄي ملڪ مان آيل رانديگرن سان مقابلو ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي باڪسرن مجموعي طور 3 تمغا حاصل ڪيا، جن ۾ ٻه سون ۽ هڪ چانديءَ جو تمغو شامل آهي. ڄاڻايل ڪارڪردگيءَ سان اداري جو نالو روشن ٿيو. ڄاڻايل ميڊل/ تمغا سينٽر فار اسپورٽس اينڊ فزيڪل ايجوڪيشن جي ارج عابد ۽ ندا ابڙو، جڏهن ته ڊپارٽمينٽ آف آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ضرار زعيم حاصل ڪيا. ھوڏانھن سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر اسپورٽس اجويد احمد تمغا ماڻيندڙ رانديگرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ڄاڻايل ڪاميابي راندين ۽ شاگردن جي مجموعي ترقي ۾ يونيورسٽي پاران جاري رھندڙ ڪوششن جو واضح عڪس آهي۔
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
02/04/2026