سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر مري پاران تعليمي سال 2026ع جي نئين شاگردن کي اوريئنٽيشن تقريب ۾ ڀليڪار ڪيو ويو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي سال 2026ع تحت داخل نئين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪيو ۽ چيو ته شاگرد ڪيمپس زندگي مان ڀرپور لطف اندوز ٿيڻ سان گڏوگڏ پنهنجي اصل مقصد يعني تعليم جي حاصلات ۽ مطالعي ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀرا رهن. مستقبل ۾ ڪاميابيءَ لاءِ ڪيمپس لائيف مان لطف اندوز ٿيڻ ۽ محنت توڙيِ مطالعي ۾ توازن برقرار رکڻ وقت جي ضرورت آهي. هن اهڙو اظهار بيورو آف اسٽوڊنٽس ٽيوٽوريل، گائيڊنس/ڪائونسلنگ سروسز ۽ ڪو-ڪرڪيولر ايڪٽوٽيز  پاران فريش بيچ 2026ع جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ بينظير ڪنوينشن سينٽر جي مکيه آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ڪيل اوريئنٽيشن پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ استادن، انتظامي آفيسرن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته سڄي ملڪ ۾ يونيورسٽي وڃڻ جي عمر وارن نوجوانن مان رڳو لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو نوجوان ئي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ داخلا حاصل ڪن ٿا، جڏهن ته باقي 90 سيڪڙو نوجوان محدود وسيلن ۽ مالي گنجائش نه هئڻ سبب اهڙي سونهري موقعي کان محروم رهجي وڃن ٿا. هن چيو ته اعليٰ تعليم ۾ شاگردياڻين جي داخلائن جو تناسب انتهائي گهٽ آهي ۽ هر سال مشڪل سان صرف ٻه سيڪڙو ڇوڪريون ئي يونيورسٽين تائين پهچن ٿيون. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلائون حاصل ڪندڙ  ڇوڪريون حقيقت ۾ خوشنصيب آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪندي وائيس چانسلر چيو ته پنجاب يونيورسٽي کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي سڀ کان وڏي ۽ ملڪ جي پهرين سرڪاري يونيورسٽي آهي. هن چيو ته اوريئنٽيشن دوران مقررَن شاگردن جي حقن ۽ ذميوارين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، يونيورسٽي شاگردن کي سهولتون ۽ خدمتون مهيا ڪندي، جڏهن ته انهن سهولتن مان فائدو وٺڻ شاگردن جي ذميواري آهي. هن چيو ته شاگردن کي اسڪالرشپس سان گڏ ڪلاس رومز، ليباريٽرين، لائبريري، راندين، هاسٽل ۽ ٻيون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته انهن سولتن جي بدلي ۾ يونيورسٽ انتظاميه صرف شاگردن کان محنت، مطالعي ۽ دل لڳائي پڙهڻ جي اميد رکي ٿي. شاگردن کي گهمڻ ڦرڻ ۽ محنت سان پڙهڻ ۾ توازن برقرار رکڻ جي صلاح ڏيندي ڊاڪٽر مريءَ چيو ته هو چار سال ڪيمپس ۾ گذارڻ دوران سٺا دوست ٺاهين، ڪيمپس زندگي مان لطف اندوز ٿين پر پڙهائي تي ڪڏهن به ڌيان نه گهٽائين. هن واضح طور چيو ته سيمسٽر امتحان ۾ ويهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 75 سيڪڙو حاضري لازمي آهي ۽ گهٽ حاضري وارا شاگرد امتحان ڏيڻ لاءِ نااهل قرار ڏنا ويندا. تازن قدمن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته يونيورسٽي پنهنجي المناءِ ايسوسيئيشن جو باضابطه اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ گذريل 49 بيچز جي شاگردن شرڪت ڪئي، جيڪو المناءِ ۽ يونيورسٽي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم قدم آهي. وائيس چانسلر شاگردن کي نصيحت ڪئي ته هو پنهنجي مضمونن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، پيشيوراڻيون صلاحيتون پيدا ڪن، تعليمي مهارتون حاصل ڪن ۽ مهذب زندگي گذارڻ طرف ڌيان ڌرين. هن چيو ته اسان جي تهذيب موهن جو دڙو تائين وڃي ٿي، جيڪا امير ۽ مهذب آهي. اسان کي هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي، سماجي قدرن کي برقرار رکڻ گهرجي ۽ محنت کي پنهنجي عادت بڻائڻ گهرجي. رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ شاگردن کي آگاهه ڪيو ته يونيورسٽي والدين تي مالي بار گهٽائڻ لاءِ مختلف اسڪالرشپس پيش ڪري رهي آهي. هن چيو ته شاگردن جي هاسٽلن ۾ لڳ ڀڳ پنج هزار شاگردن جي گنجائش آهي، جڏهن ته ڇوڪرين جي هاسٽلن ۾ ٽي هزار شاگردياڻيون رهائش اختيار ڪن ٿيون ۽ انتظاميا سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڊائريڪٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر ڊاڪٽر ڪامران ڏاهري شاگردن کي آءِ ٽي سهولتن بابت بريفنگ ڏني، جنهن ۾ شاگردن جا اي-پورٽلز، آن لائن نتيجن جي فراهمي ۽ ڊجيٽل چالان سسٽم شامل آهن. هن چيو ته ڪيمپس ۾ وائي فائي سهولتون وڌائڻ ۽ وڌيڪ آن لائن تعليمي ۽ انتظامي خدمتون متعارف ڪرائڻ تي پڻ ڪم جاري آهي. فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام چيو ته يونيورسٽي هڪ سازگار تعليمي ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شاگردن کي جديد لائبريرين تائين رسائي، تحقيق ۽ فيلڊ ورڪ جا موقعا ۽ تجربيڪار استادن جي رهنمائي مهيا ڪئي وڃي ٿي. هن شاگردن کي قيادت ۽ رابطي جي مهارتن کي وڌائڻ لاءِ ڪو-ڪرڪيولر سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي تلقين ڪئي. اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جي قمر نانگراج شاگردن کي مختلف اسڪالرشپ اسڪيمز بابت آگاهه ڪيو ۽ انهن مان فائدو وٺڻ جي طريقيڪار بابت تفصيل سان ٻڌايو. اينٽي هراسمنٽ ڪميٽي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر نسيم اسلم چنا شاگردن کي هراسمنٽ بابت يونيورسٽي جي زيرو ٽالرنس پاليسي کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته اهڙين سرگرمين ۾ ملوث ڪنهن به فرد خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جنهن ۾ داخلا ختم ڪرڻ به شامل آهي ۽ اهڙن ماڻهن کي ڊگري به نه ڏني ويندي. اوريئنٽيشن پروگرام جي پڄاڻي موسيقي تقريب سان ٿي، جتي نوجوان گلوڪار فراز ڀلائي ۽ ٻين فنڪارن پنهنجي گيتن سان سامعين کي محظوظ ڪيو. نوجوانن جي رقص ۽ سيٽن تقريب کي وڌيڪ رنگين بڻائي ڇڏيو. تقريب ۾ پرو وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، اجويد احمد ڀٽي، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/11/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر مري پاران تعليمي سال ...
View Details → 02/11/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي آخري سال جي شاگردن جا 136 تحقيقي م...
View Details → 02/11/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ ڈاکٹر مری کی جانب سے تعلیمی سال 20...
View Details → 02/11/2026