سنڌ يونيورسٽي جي آخري سال جي شاگردن جا 136 تحقيقي منصوبا نمائش لاءِ پيش، وائيس چانسيلر افتتاح ڪيو: ذهني صحت، اي آءِ روبوٽ، سائبر سيڪيورٽي ۽ اي آءِ سان لاڳاپيل ٻين پراجيڪٽس تي ٻڌل تحقيقي منصوبا انتهائي قيمتي ۽ ماڻهن جي نگاهن جا مرڪز بڻيل

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران 136 تحقيقي منصوبن جي نمائش ڪئي وئي، جنهن جو افتتاح وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڊين فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا سان گڏجي ڪيو. فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پاران منعقد ڪيل هن نمائش ۾ شاگردن جي علمي سکيا، فني صلاحيت، جدت ۽ مسلسل محنت جو نتيجو سامهون آيو، جيڪو مختلف انڊرگريجوئيٽ پروگرامن جهڙوڪ بي اي اليڪٽرانڪس انجنيئرنگ، بي اي ٽيليڪميونيڪيشن انجنيئرنگ، بي ايس انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ سان لاڳاپيل هو. نمائش ۾ 136 کان وڌيڪ تحقيقي منصوبا پيش ڪيا ويا، جيڪي جديد ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجي شعبن جي وسيع دائري جي نمائندگي ڪن ٿا، خاص طور ذهني صحت، اي آءِ روبوٽ، سائبر سيڪيورٽي ۽ اي آءِ سان لاڳاپيل ٻين پراجيڪٽس تي ٻڌل منصوبا انتهائي قيمتي ۽ ماڻحن جي نگاهن جا مرڪز هئا. اليڪٽرانڪس ۽ ٽيليڪميونيڪيشن انجنيئرنگ ۾ درجن کان وڌيڪ منصوبا جديد شعبن جهڙوڪ مصنوعي ذهانت، انٽرنيٽ آف ٿنگز، سائي توانائي جي حلن ۽ برقي توانائي جي بهتري تي مشتمل هئا. ساڳيءَ ريت سافٽ ويئر انجنيئرنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن گڏيل طور صبح ۽ شام جي شفٽن مان 124 کان وڌيڪ ريسرچ منصوبا پيش ڪيا، جن ۾ ويب ۽ موبائل ايپليڪيشن ڊولپمينٽ، ايجنٽڪ اي آءِ سسٽمز، ڊجيٽل ٽوئن ٽيڪنالاجي، هيلٿ ڪيئر انفارميشن سسٽمز، روبوٽڪس، ٿري ڊي سيميوليشن، گيميفڪيشن، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ آگمينٽيڊ ۽ ورچوئل ريئلٽي شامل هئا. نمائش جو افتتاح ڪرڻ کان پوءِ وائيس چانسلر هر منصوبي جو ترتيبوار دورو ڪيو ۽ شاگردن جي ٽيمز کان انهن جي خيالن، ڊيزائن ۽ عملي استعمال بابت بريفنگ ورتي. ان موقعي تي شاگردن سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر مري چيو ته منصوبن جي ڪامياب تڪميل ۽ معيار فائنل ايئر پروجيڪٽ سپروائيزرز جي بهتر نگراني، فني رهنمائي ۽ علمي سهڪار جو نتيجو آهي. هن چيو ته سپروائيزرز مسئلن جي تشڪيل، سسٽم ڊيزائن، عملدرآمد جي نگراني ۽ معيار جي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ساڳئي وقت جدت، اخلاقي عمل ۽ صنعت جي ضرورتن سان هم آهنگ حقيقي دنيا جي حلن کي به هٿي ڏني. هن چيو ته ان سڀني شاگردن ۽ سندن سپروائيزرز جي واکاڻ ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ ته هر منصوبي ۾ مارڪيٽنگ جي صلاحيت موجود آهي. هن سماج جي ڀلائي لاءِ اهڙن منصوبن جي ڪمرشلائيزيشن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ تعليمي خيالن کي عملي حلن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ يونيورسٽي ۽ صنعت وچ ۾ وڌيڪ مضبوط سهڪار جي اپيل ڪئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اي. ايڇ. ايس. بخاري پوسٽ گريجوئيٽ سينٽر آف انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر ڪمران تاج پٺاڻ، ڊين فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ايم. اي. قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر اميد علي رند، ڪنٽرولر آف سيمسٽر ايگزامينيشنز محمد معشوق صديقي، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊاڪٽر مدثر ميمڻ، ڊاڪٽر عارفه ڀٽو، ڊاڪٽر آصف علي جمالي ۽ فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي استادن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. هوڏانهن پراجيڪٽ نمائش جي پڄاڻيءَ واري تقريب ۾پي پي ايم اين اي اياز شاهه شيرازي شرڪت ڪئي، جنهن نمائش ۾ شاگردن پاران تيار ڪري رکيل تحقيقي منصوبا ڏسي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي انجنيئرنگ جا شاگرد ملڪ جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ جي شاگردن کان گهٽ نه آهن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/11/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر مري پاران تعليمي سال ...
View Details → 02/11/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي آخري سال جي شاگردن جا 136 تحقيقي م...
View Details → 02/11/2026
1024 x 768
شیخ الجامعہ سندھ ڈاکٹر مری کی جانب سے تعلیمی سال 20...
View Details → 02/11/2026