وفاقي وزير طرفان سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾تحقيق لاءِ جديد ليبارٽري ٺهرائڻ جو اعلان، معرڪهء حق ۾ شاندار ڪاميابيءَ کان پوءِ هاڻي معرڪهء معيشت تي ڌيان ڏيڻو پوندو
وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان فورسز طرفان معرڪهء حق ۾ شاندار ڪاميابيءَ کان پوءِ هاڻي عوام کي معرڪهء معيشت ۾ ڪامياب ٿيڻو آهي. جنگيون ڪاميابيءَ سان تڏهن وڙهبيون آهن، جڏهن ملڪي معيشت مضبوط هجي. سنڌ يونيورسٽيءَ بيشمار دانشور ۽ اهلِ علم پيدا ڪيا آهن، خوشي آهي ته اهڙي تاريخي يونيورسٽيءَ ۾ ٻيو ڀيرو نوجوانن سان مخاطب آهيان. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس کي شاندار آرٽيفشل انٽيليجنس ليبارٽريءَ لاءِ وفاقي حڪومت پاران فنڊنگ ڪئي ويندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ٿيسز نمائش جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نمائش ۾ 133 تحقيقي منصوبا رکيا ويا، جن ۾ وفاقي وزير گهري دلچسپي ورتي ۽ لاڳاپيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کان بريفنگ ورتي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، مملڪتي وزير کيئلداس ڪوهستاني، نواز ليگ اڳواڻ شاهه محمود شاهه، اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ، ڊاڪٽر اياز ڪيريو ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا. افتتاحي تقريب بعد تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته دشمن رات جي وقت پاڪستان تي حملو ڪيو، پر پاڪستان جو ردعمل ايترو ته تيز هو جو دنيا ڏسي دنگ رهجي ويئي. هن چيو ته مضبوط دفاع لاءِ مضبوط معيشت ضروري آهي. هن چيو ته اسان جي فوج معرڪهء حق ۾ سرخرو ٿي ۽ هاڻي قوم جو وارو آهي ته معرڪهء معيشت ۾ به ڪاميابي حاصل ڪري ڏيکاري. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ بعد ان وقت جي گهڻن ئي ارسطو چيو ته ملڪ گهڻو وقت هلي نه سگهندو، پر اسان جي بزرگن محنت ڪري ثابت ڪيو ته ثابت قدمي ذريعي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. هن چيو ته اهي بحران ان وقت پاڪستان کي انهيءَ ڪري درپيش هئا جو ورهاڱي بعد ملڪ کي فنڊز جو جائز حصو نه ڏنو ويو. هن چيو ته مختلف ملڪن ۾ رهندڙ 90 لک پاڪستاني هر سال 40 ارب ڊالر پاڪستان موڪلين ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف 24 ڪروڙو عوام ملي به سال ۾ وڻج واپار ۽ محنت ذريعي 40 لک ڊالر نٿا ڪمائي سگهن. هن چيو ته 2 سال اڳ هر ماڻهو چئي رهيو هو ته پاڪستان خراب مالي حالتن سبب جلد سريلنڪا وانگر ڊفالٽ ڪري ويندو، پر دنيا ڏٺو ته پاڪستان گذريل 2 سالن دوران ڪيئن ٻيهر ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿيو آهي ۽ عالمي ميڊيا به اڄ ان جي گواهي ڏيئي رهي آهي. هن چيو ته جڏهن پهريون ڀيرو بجلي آئي ته ڪيئي صنعتي ادارا قائم ٿيا، انٽرنيٽ اچڻ سان وري دنيا ڳوٺ بڻجي ويئي، پر مصنوعي ذهانت ته دنيا ئي بدلائي ڇڏي آهي. نوجوانن کي مصنوعي ذهانت بابت مهارتون پيدا ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته جلد مصنوعي ذهانت لکين نوڪريون ختم ڪندي پر ڪروڙين نوڪريون پيدا پڻ ڪندي. اهي نوڪريون انهن لاءِ هونديون جن وٽ ڊگريءَ سان گڏ مهارتون به هونديون. هن چيو ته اهي تعليمي ادارا جيڪي صرف تدريس تي ڌيان ڏين پيا ۽ تحقيقي عمل تي ڌيان نٿا ڏين، انهن کي يونيورسٽي نه پر ڪاليج چوڻ گهرجي. يونيورسٽيءَ جو مقصد ئي تحقيق ڪرڻ ۽ نئين ڄاڻ پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته جن يونيورسٽيءَ جي لائبريري ۽ تجرباتي ليبارٽريون رات 11 هين بجي کان پوءِ به کُليل نظر اچن، سمجهو ته اتي تحقيقي ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جن ٽيچرز جا مقالا امپيڪٽ فيڪٽر جرنلن ۾ ڇپجن ٿا ۽ ان جو معاشري جي بهتريءَ ۾ ڪو عملي ڪردار ناهي، اهي مقالا ڪم جا نه آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي 40 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي متحريڪ ٿيڻو پوندو ۽ معاشري جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. احسن اقبال چيو ته اسان وارو نسل پٽين تي پڙهيو ۽ 60 سالن جي عمر ۾ ‘فائيو جي’ جو سفر مڪمل ڪيو، پر نئين نسل گهڻو ڏٺو ۽ ايندڙ 6-7 سالن ۾ اهو دنيا کي بدلجندي ڏسندو، کين تبديلين سان گڏ هلڻو پوندو. هن چيو ته 20 سال اڳ پاڪستان سميت دنيا ۾ نوڪيا فون ۽ بليڪ بيري جو تمام گهڻو استعمال هو، پر اهي ئي ڪمپنيون پاڻ ۾ نواڻ نه آڻڻ سبب مصنوعي ذهانت جي اڄوڪي دور ۾ ڳوليا نٿا ملن، تنهنڪري نوجوان کي تبديلين ۽ مصنوعي ذهانت جي سکيا طرف اچڻ گهرجي. هن چيو ته تازو ويراعظم اعلان ڪيو ته 2030ع تائين مصنوعي ذهانت تي 100 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويندا، جيڪو انتهائي مثبت قدم آهي، اميد آهي ته صوبائي حڪومتون به انهيءَ تناظر ۾ وفاق سان گڏجي ڪم جاري رکنديون. احسن اقبال پاڪستان تحريڪ انصاف يا عمران خان جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو ته انهن چئن سالن دوران ذاتي مفادن لاءِ ڪم ڪيو ۽ ملڪ کي تباهه ڪيو ۽ ان جا وسيلا لُٽيا. هن چيو ته هو خوشحال پاڪستان کي تباهيءَ طرف ڌڪي هليا ويا ۽ اسان اچي ملڪ کي ٻيهر ترقيءَ جي راهه طرف آندو. هن چيو ته سنڌ صدين جي تهذيب رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي ته هتي وڏا وڏا ذهين ماڻهو پيدا ٿيا. هن چيو ته ذهانت جي ابتدائي شڪل سنڌ مان ئي جنم ورتو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ چيو ته مصنوعي ذهانت جي هن دور ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ آرٽيفشل انٽيليجنس ريسرچ ليبارٽري جي ضرورت آهي ۽ اها ليبارٽري ٺهرائي ڏيڻ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪجهه ترقياتي ڪم اڌ ۾ رهجي ويا آهن، جن کي فوري طور مڪمل ڪرائڻ لاءِ وفاقي وزير ڪردار ادا ڪري. ان کان اڳ پنهنجي ڀليڪار خطاب ۾ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پنهنجي اداري جي ڪم ڪار بابت مهمانن کي آگاهه ڪيو.