سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به پاڪ فوج سان اظهارِ يڪجهتي ۽ آپريشن غضب للحق جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ويئي، پاڪ فوج ۽ پاڪستان زنده باد سان ڪئمپس گونجي اٿيو، استادن ۽ ملازمن کان علاوه شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڀرپور شرڪت، پاڪ فوج سان ڪُلهي ڪُلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران لاڳيتو ٻئي ڏينهن به پاڪ فوج سان اظهارِ يڪجهتي ۽ آپريشن غضب للحق جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي ويئي. يونيورسٽيءَ جي باب الاسلام گيٽ کان وائيس چانسلر هائوس تائين ڪڍيل ريليءَ ۾ رجسٽرار ساجد قاسم ميمڻ، ڊين فيڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊين فيڪلٽي آف فارميسي پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گھوٽو، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، چيئرمين ڊپارٽمينٽ آف پوليٽيڪل سائنس پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، ڊائريڪٽر بيورو آف اسٽيگس اجويد احمد ڀٽي، انجنيئر سجاد حسين شاهه، ذوالفقار علي رستماڻي، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا، محمد معشوق صديقي سميت استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن جي هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ بئنر کنيل هئا، پاڪ فوج ۽ پاڪستان جي حق ۾ اُڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ۽ قومي جذبي جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ريليءَ کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترجمان ڊاڪٽر نادر علي مغيري چيو ته پاڪستان امن جو خواهشمند آهي، تنهن هوندي به پنهنجي خودمختياري، سرحدي سلامتي ۽ قومي وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو۔ هن پاڪ فوج جي شهيدن ۽ غازين کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ۽ پاڪ فوج سان ڪُلهي ڪُلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هن ميڙ ذريعي دشمن کي پاڪستان جي قومي يڪجهتي ۽ عزم جو واضح پيغام ڏنو ويو آهي. ريليءَ کي خطاب ڪندي انجنيئر سجاد حسين شاهه چيو ته مادرِ وطن جي دفاع تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ سرزمينِ پاڪستان تي ڪنهن قسم جي رهنڊ به نه اچڻ ڏني ويندي. هن چيو ته دشمن ڪنهن به روپ ۾ سامهون اچي، اسان جون دلير سيڪيورٽي فورسز خاص طور آرمي، فضائيه ۽ بحريه ملڪ جي غيور عوام سان گڏجي ان جا سمورا ناپاڪ ارادا رک ۾ ملائي ڇڏينديون. ريليءَ کي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر چيو ته افواج پاڪستان خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪندڙن کي رُڪ جا چڻا چٻائڻا پئجي ويندا ۽ دهشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ سڄو ملڪ پاڪ فوج سان گڏ بيٺو آهي. هن وڌيڪ چيو ته افواج پاڪستان 25 ڪروڙ عوام جي فوج آهي ۽ پاڪستان جو دفاع ناقابل تسخير آهي، ڊاڪٽر مهيسر چيو ته ڀارت رات جي  اونداهيءَ ۾ بزدلاڻو حملو ڪري چڪو آهي، جڏهن ان کي ڏينهن ۾ جواب ملي ٿو ته ان کي تارا نظر اچن ٿا، پاڪستان آرمي پيشيوراڻي فوج هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. ان موقعي تي رجسٽرار ساجد قاسم ميمڻ چيو ته افغان طالبان به ڀارت وانگر لڪي حملا ڪري رهيا آهن، ان کان وڏي بزدلي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته اسان جي بهادر فوج افغان طالبان ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان خلاف ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪري انهن کي چوڪيون ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو چيو ته اسان کي پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي ۽ اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺا آهيون. هن چيو ته ڀارت خلاف جوابي ايڪشن دوران دنيا ڏٺو ته حملا ڪيئن ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته افغان طالبان کي به پنهنجي اندر جهاتي پائڻ گهرجي ۽ ڀارت مان سبق سکڻ گهرجي.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/04/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به پاڪ فوج سان ...
View Details → 03/04/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں لگاتار دوسرے روز بھی پاک فوج سے اظہ...
View Details → 03/04/2026
1024 x 768
Thunderous Pro-Pak Military slogans echo as SU holds army solidarity rally on 2nd consecut...
View Details → 03/04/2026