تعليم واري وزير پاران ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جو دورو، وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مريءَ آڌرڀاءُ ڪيو؛ سردار علي شاهه هڪ ڪلاس جي ڊيسڪ تي ويهي پراڻيون يادون تازيون ڪيون: اسڪول جي مڪمل مرمت ۽ نئون فرنيچر ڏيڻ جو اعلان: سنڌ يونيورسٽي ماڊل اسڪول کي جديد سهولتن سان آراسته ڪيو ويندو: صوبائي وزير
سنڌ جي تعليم واري وزير سردار علي شاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سندس استقبال ڪيو ۽ کيس اسڪول جي مختلف شعبن جو معائنو ڪرايو. صوبائي وزير اسڪول جي تاريخي عمارت، ڪلاس رومن، ليبارٽرين ۽ ڪاريڊورز جو جائزو ورتو ۽ عمارت جي موجوده حالت تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ترت مرمتي ڪم ڪرائي اسڪول کي جديد سهولتن سان آراسته ڪرڻ جو اعلان ڪيو. دوري دوران هو هڪ ڪلاس روم ۾ ڊيسڪ تي ڪجهه گهڙيون ويهي پنهنجن شاگرديءَ جي ڏينهن جون يادون تازيون ڪندو رهيو. هن چيو ته هو ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول جو اڳوڻو شاگرد رهيو آهي ۽ سالن کانپوءِ اسڪول جو دورو ڪري کيس بيحد خوشي محسوس ٿي آهي، پر ساڳئي وقت تاريخي عمارت جي خراب حالت ڏسي افسوس پڻ ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته کيس گهڻو اڳ ئي اچي اسڪول جي حالت جو جائزو وٺي مرمت جو ڪم شروع ڪرائڻ گهرجي ها. سردار علي شاهه پنهنجي وزارت جي لاڳاپيل ٽيم کي هدايت ڪئي ته جلد اسڪول جو تفصيلي وزٽ ڪري مڪمل مرمتي ڪم جو پروپوزل تيار ڪيو وڃي ته جيئن بجيٽ منظور ڪرائي هن تاريخي اداري جي حالت بهتر بڻائي سگهجي. هن چيو ته هن اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙ ڪيترائي ماڻهو ملڪ جي مختلف وزارتن ۽ ادارن ۾ اهم ذميواريون نڀائي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته تعليم جي بهتري سندس اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي خدمت جو بهترين طريقو صوبي جي تعليمي نظام کي مضبوط بڻائڻ آهي. هن ٻڌايو ته استادن جون ڀرتيون ميرٽ تي ڪيون ويون آهن ۽ اسڪولن جي بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن. سندس چوڻ هو ته سنڌ جو هر نوجوان گهٽ ۾ گهٽ انٽرميڊيئيٽ تائين لازمي تعليم حاصل ڪري، ان مقصد لاءِ جامع حڪمت عملي تي ڪم جاري آهي. صوبائي وزير چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن مان ڊراپ آئوٽ جي شرح گهٽائڻ لاءِ به عملي قدم کنيا ويا آهن. هن اعلان ڪيو ته جلد ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول ۾ مرمتي ڪم شروع ڪرايو ويندو ۽ نئون فرنيچر پڻ فراهم ڪيو ويندو. ان موقعي تي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته سنڌ يونيورسٽي مختلف وقتن تي اسڪول جي عمارت تي ڪم ڪرائيندي رهي آهي، پر هڪ صدي کان وڌيڪ پراڻي هن عمارت کي وڏي پيماني تي مرمت ۽ فرنيچر جي فراهمي جي اشد ضرورت آهي، جنهن لاءِ صوبائي تعليم واري وزارت جو ڪردار انتهائي اهم آهي. دوري دوران سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، اسڪول جو پرنسيپال ڊاڪٽر شيراز شيخ، اڳوڻو پرنسيپال احسان شاهه راشدي، لا فيڪلٽي جو انچارج ڊين ڊاڪٽر سردار شاهه، ڊاڪٽر رفيق لاشاري، هاسٽل پرووسٽ پنهل خان لاشاري، اياز مغل، موسيٰ راڄڙ ۽ ممتاز ڪاڪا سميت اسڪول جا ٻيا استاد پڻ موجود هئا. آخر ۾ وائيس چانسيلر صوبائي وزير کي سنڌي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ جو روايتي تحفو پيش ڪيو، جنهن تي هن خوشيءَ جو اظهار ڪندي يونيورسٽي انتظاميا جا ٿورا مڃيا.