سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوشنل ڪوالٽي سرڪل ٻيهر جوڙي ڇڏيو، وائيس چانسيلر ڪميٽيءَ جو چيئرمين ۽ پي وي سي ڊپٽي چيئر مقرر، سرڪل ۾ اسٽوڊنٽس ڪائونسل جا ٻه نمائندا به شامل

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو  ھائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان جي 2023ع واري پاليسي تحت پنھنجو  انسٽيٽيوشنل ڪوالٽي سرڪل ٻيهر جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن جو اعلان گذريل ڏينهن جاري ڪيل هڪ نوٽيفڪيشن ذريعي ڪيو ويو. وائيس چانسلر آءِ ڪيو سي جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته پرو وائيس چانسلر (مين ڪيمپس) ڊپٽي چيئر طور ڪم ڪندو. ڄاڻايل انسٽيٽيوشنل ڪوالٽي سرڪل ۾ اضافي ڪيمپسز جا پرو وائيس چانسلر، ڊينز، رجسٽرار ۽ اهم شعبن جا ڊائريڪٽر ميمبر طور شامل ڪيا ويا آهن. نوٽيفڪيشن موجب اوريڪ، ڪيو اي سي، فنانس، آءِ ٽي سروسز ۽ اسٽوڊنٽ افيئرز جا سربراهه به ميمبر ھوندا، ان سان گڏ شاگردن جي ڪائونسل جا نمائندا پڻ شامل هوندا. آءِ ڪيو سي معيار کي يقيني بڻائڻ وارن نظامن جي نگراني ڪندو، تعليمي پاليسين ۽ فريم ورڪ جو جائزو وٺندو، ٻاهرين معيارن تي عملدرآمد کي مانيٽر ڪندو ۽ تعليمي پروگرامز ۽ اداري جي بهتري سان لاڳاپيل تجويزن تي غور ڪندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 03/19/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوشنل ڪوالٽي سرڪل ٻيهر جوڙي ...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے انسٹیٹیوشنل کوالٹی سرکل دوبارہ تشک...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
Sindh University reconstitutes institutional quality circle
View Details → 03/19/2026