سنڌ يونيورسٽيءَ لاگاپيل ڪاليجن ۾ بي ايس، بي بي اي ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن لاءِ داخلا جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پنھنجن لاڳاپيل ڪاليجن ۾ تعليمي سال 2026ع لاءِ مختلف انڊر گريجوئيٽ ۽ ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن ۾ عارضي داخلائن جي آخري تاريخ وڌائي 15 اپريل مقرر ڪري ڇڏي آهي. رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ طرفان جاري ڪيل ٻن الڳ نوٽيفڪيشنس موجب سيمسٽر سسٽم هيٺ هلندڙ لاڳاپيل سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن ۾ عارضي داخلائن جي آخري تاريخ 15 اپريل 2026 مقرر ڪئي ويئي آهي. ڄاڻايل واڌ بي ايس (آنرز) ۽ بي بي سي (آنرز) چئن سالن وارن پروگرامن (8 سيمسٽرز) جي مارننگ شفٽ سان گڏوگڏ آرٽس، ڪامرس، سائنس ۽ هوم اڪنامڪس جي ايسوسيئيٽ ڊگري (حصو پھريون) پروگرامن تي لاڳو ٿيندي. نئين شيڊول موجب ڪاليج هاڻي 15 اپريل 2026ع تائين عارضي داخلائن جو عمل مڪمل ڪري سگهن ٿا. ڄاڻايل فيصلو شاگردن ۽ لاڳاپيل ادارن کي سهولت فراهم ڪرڻ، داخلا جا وڌ ۾ وڌ موقعا مهيا ڪرڻ ۽ داخلا جي عمل کي هموار بڻائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.