ڊيپ لرننگ ماڊلز خاص طور ڪنوليوشنل نيورل نيٽ ورڪس پتن جي تصويرن ذريعي ٽماٽي جي ٻوٽن جي بيمارين کي درست طريقي سان سڃاڻي ۽ درجا بندي ڪري سگهن ٿا، سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل نئين تحقيق ۾ انڪشاف
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي پي ايڇ ڊي اسڪالر سيد سهيل احمد شاهه پنهنجي پي ايڇ ڊي جي آخري سيمينار ۾ تحقيق پيش ڪئي، جنهن ۾ ٽماٽي جي ٻوٽن جي بيمارين جي سڃاڻپ لاءِ ڊيپ لرننگ ڪلاسيفائرز کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جنهن ۾ درستگي ۽ ٽريننگ وقت جي وچ ۾ توازن جو جائزو پڻ شامل هو. وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سيمينار جي صدارت ڪئي. ڪمپيوٽر سائنس جي اسڪالر زرعي بيمارين جي سڃاڻپ ۾ ماڊلز جي ڪارڪردگي ۽ اھميت کي بهتر بڻائڻ بابت اهم پهلو اجاگر ڪيا. ھن پنهنجي تحقيق جا اهم نتيجا ٻڌايا. سندس چوڻ ھو ته ڊيپ لرننگ ماڊلز (گھري مشيني سکيا وارا ماڊل) خاص طور ڪنوليوشنل نيورل نيٽ ورڪس پتن جي تصويرن ذريعي ٽماٽي جي ٻوٽن جي بيمارين کي صحيح نموني سڃاڻي ۽ درجا بندي ڪري سگهن ٿا. ھن چيو ته جديد آرڪيٽيڪچرز جهڙوڪ ريس نيٽ 50، ڊينس نيٽ 121، انسيپشن وي 3 ۽ موبائل نيٽ وي 2 سڃاڻپ جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آندي، پر انهن لاءِ وڏي پيماني تي حسابي وقت گهربل آهي. تحقيق مان معلوم ٿيو ته هيپر پيرا ميٽر ٽيوننگ، ٽرانسفر لرننگ ۽ ڊيٽا آگمينٽيشن جهڙا ٽيڪنيڪي ماڊل درستگي کي بهتر بڻائن ٿيا ۽ ساڳئي وقت ٽريننگ جو وقت گهٽائڻ ۾ مدد ڪن ٿا. تحقيق ۾ اهو به ظاهر ٿيو ته وڏا ڊيٽا سيٽ درجا بندي جا نتيجا بهتر ڪن ٿا، پر انهن سان گڏ حسابي خرچ به وڌي وڃي ٿو. تحقيق ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته درستگي ۽ ڪارڪردگي جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن خودڪار ٻوٽن جي بيمارين جي سڃاڻپ وارن نظامن کي وڏي پيماني تي عملي طور لاڳو ڪري سگهجي. ھوڏانھن اسڪالر کان ڪيترائي سوال ڪيا ويا، جنھن بعد وائيس چانسلر سندس سيمينار ڪامياب قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي اسڪالر جو ڪو سپروائيزر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو، فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊاڪٽر صائمہ قيوم ميمڻ، ڊاڪٽر امتياز ڪوريجو، ڊاڪٽر ياسر عرفات، ڊاڪٽر طارق جلباڻي، ڊاڪٽر آسيہ سومرو، ڊاڪٽر اسدالله بليدي، رفيق ملاح ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ايڪسٽرنل ايڪسپرٽ ڊاڪٽر امتياز بروهيءَ پرڏيهه ۾ موجود هجڻ سبب زوم ذريعي سيمينار ۾ شرڪت ڪئي.