شيخ اياز يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي هم منصب سان ملاقات؛ ٻنهي تعليمي سربراهن پاران هٿرادو ذھانت ۽ تعليم جي اُڀرندڙ رجحانن تي ڳالهيون

شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نويد شيخ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي هم منصب پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، جتي ٻنهي گڏيل تعليمي ۽ تحقيقي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي وائيس چانسلرن دنيا ۾ تعليم جي اُڀرندڙ رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، خاص طور ھٿرادو ذهانت (اي آءِ) جي وڌندڙ ڪردار ۽ جديد ڪم ڪار جي جڳهن ۾ روبوٽڪس جي وڌندڙ استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ھنن ان ڳالهه تي به ويچار ڪيو ته تيز رفتار ٽيڪنالاجي جون ترقيون ڪيئن عالمي روزگار جي منڊي کي تبديل ڪري رهيون آهن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ گهربل مهارتن کي نئين سر بيان ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري چيو ته جيتوڻيڪ اي آءِ سڄي دنيا ۾ لکين نوڪريون ختم ڪرڻ جو سبب بڻجندي، پر ساڳئي وقت اربين نوان موقعا به پيدا ڪندي. ھن چيو ته اهي ماڻهو جيڪي اي آءِ ۽ لاڳاپيل ٽيڪنالاجيز جون مهارتون نٿا رکن، سي بدلجندڙ روزگار جي صورتحال ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگهن ٿا، جڏهن ته جديد علم ۽ فني مهارتن سان ليس ماڻهو دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ ڪم ڪرڻ جا وڌيڪ موقعا حاصل ڪري سگهن ٿا. ملاقات دوران ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ويو ته يونيورسٽين جي نصاب کي جديد ضرورتن پٽاندڙ بڻائڻ ضروري آهي ته جيئن شاگردن کي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل دنيا لاءِ تيار ڪري سگهجي. ٻنهي تعليمي اڳواڻن تدريسي طريقن ۾ نواڻ، تحقيقي سهڪار ۽ استادن جي صلاحيتن ۾ واڌاري جي اهميت تي به زور ڏنو. ٻنهي وائيس چانسلرن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ته روايتي ڪلاس شاگردن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهن، ڇا ڪاڻ ته اهي سڌي رابطي، تنقيدي سوچ ۽ متحرڪ تعليمي ماحول کي هٿي ڏين ٿيون، جڏھن ته آن لائن ڪلاسز دوران ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ انٽرنيٽ جا مسئلا پيش اچن ٿا. جنھن سبب شاگرد استادن جي ليڪچر کي ٺيڪ سان ٻڌي نٿا سگھن. ھنن اهو به چيو ته فزيڪل ڪلاسز ڪلاس روم ۾ ويهي سکڻ شاگردن جي شخصيت جي ترقي، سماجي رابطن ۽ مؤثر سکيا لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ھنن وڌيڪ چيو ته تعليم ۾ روايتي ۽ جديد طريقن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ ضروري آهي ۽ يونيورسٽين کي اهڙا هائبرڊ ماڊلز اختيار ڪرڻ گهرجن جيڪي ٻنهي نظامن جي خوبين کي گڏ ڪن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/07/2026
Announcements
1024 x 768
ڊيپ لرننگ ماڊلز خاص طور ڪنوليوشنل نيورل نيٽ ورڪس ...
View Details → 04/07/2026
1024 x 768
شيخ اياز يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي سنڌ يونيو...
View Details → 04/07/2026
1024 x 768
ڈیپ لرننگ ماڈلز بالخصوص کنولیوشنل نیورل نیٹ ورکس ...
View Details → 04/07/2026