سنڌ يونيورسٽي ٽرانسپورٽ ڪميٽيءَ جو وائيس چانسيلر جي صدارت هيٺ ٻارڻ جي خرچن جي جائزي لاءَ اجلاس، هائبرڊ ڪلاسز جي تجويز پيش

سنڌ يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ پئٽرول توڙي ڊيزل جي قيمتن ۾ تازي واڌ سبب اداري تي مالي دٻاءَ گھٽائڻ لاءِ قدمن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ انهن مختلف آپشنن جو جائزو ورتو ويو، جيڪي شاگردن کي ڪيمپس تائين ۽ واپس پهچائيندڙ پوائنٽ بسز لاءِ ڊيزل تي خرچ کي گھٽائڻ لاءِ موزون هجن. ميمبرن ٽرانسپورٽ جي آپريشن کي معقول بڻائڻ جا طريقا بحث هيٺ آندا ۽ چيو وي ته اهڙو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، جنهن سان شاگردن جي تعليمي سرگرمين تي ڪو ناڪاري اثر نه پوي. اجلاس ۾ بحث مباحثي دوران تجويز پيش ڪئي وئي ته فزيڪل ڪلاس هفتي ۾ ٽئي ڏينهن يعني مهيني ۾ تقريباً 12 ڏينهن هلايا وڃن، جڏهن ته هفتي جي چوٿين ڏينهن آن لائن ڪلاسز منعقد ڪري سگهجن ٿا. اجلاس ۾ اهڙي تجويز ٻارڻ جي استعمال کي گھٽائڻ ۽ يونيورسٽي جي وسيلن کي وڌيڪ مؤثر انداز ۾ منظم ڪرڻ لاءِ ممڪن قدم طور پيش ڪئي وئي. ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته ٽرانسپورٽ سروسز جي فراهمي جي خرچ ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب نمايان اضافو ٿيو آهي. اهو پڻ ٻڌايو ويو ته اڳ مهيني جي 20 ڏينهن دوران جيڪو خرچ ٻارڻ تي ايندو هو، اهو آڻي تقريباً 12 ڏينهن ۾ ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ ون پوائنٽ ايجنڊا تي تفصيل سان بحث ڪرڻ بعد ڪميٽيءَ ٽرانسپورٽ جي وڌندڙ خرچ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڄاڻايل عارضي تجويز تيار ڪئي. وائيس چانسلر چيو ته ڄاڻايل تجويز 7 اپريل تي رٿيل وائيس چانسلرن جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي، جنهن بعد جيڪو به گڏيل فيصلو ٿيو، ان تحت سنڌ يونيورسٽي پڻ اڳتي وڌندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/08/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ٽرانسپورٽ ڪميٽيءَ جو وائيس چانسيلر...
View Details → 04/08/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي مسترين پراڻي پوائنٽ بس ٻيهر ٺاهي...
View Details → 04/08/2026
1024 x 768
SU Faculty of Engineering showcases 136 innovative projects at FYP Exhibition 2026
View Details → 04/08/2026