سنڌ يونيورسٽي جي مسترين پراڻي پوائنٽ بس ٻيهر ٺاهي نئين بڻائي ڇڏي: وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري پاران بس جو معائنو، سرهائيءَ جو اظهار، ورڪشاپ اسٽاف جي به واکاڻ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري گذريل ڏينهن مادر علمي جي ٽرانسپورٽ ورڪشاپ جو دورو ڪيو ۽ ملازم مسترين پاران تيار ڪيل ان پوائنٽ بس جو معائنو ڪيو، جنهن جي سموري باڊي تبديل ڪري انهيءَ ۾ بلڪل نئين باڊي لڳائي وئي آهي. ورڪشاپ پهچڻ تي وائيس چانسلر جو آڌرڀاءُ ٽرانسپورٽ انچارج ڊاڪٽر بارادي وارياڻي ۽ ٻين اسٽاف ميمبرن ڪيو. دوري دوران ڊاڪٽر مريءَ بس جو باريڪ بينيءَ سان جائزو ورتو. تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي جي مسترين هڪ پراڻي بس جي سڄي ختم ٿيل باڊي کي هٽائي انتهائي گهٽ خرچ تي نئين باڊي وجهي ان کي تيار ڪيو، جنهن سان بس مڪمل طور نئين ۽ قابلِ خدمت يونٽ ۾ تبديل ٿي وئي. وائيس چانسيلر نئين ٻاهرئين باڊي فريم، ڇت جا پينل، پاسن جا پينل، دروازا، ونڊوز، ونڊ اسڪرين ۽ لڳايل نئين فرش جو معائنو ڪيو. اندرين حصي کي پڻ بهترين سيٽن، ونڊو فٽنگز، اليڪٽرڪ وائرنگ ۽ لائيٽنگ سان اپڊيٽ ڪيو ويو، جڏهن ته بس کي نئين رنگ سان رنگيو ويو ته جيئن نئون ڏيک نظر اچي سگهي. وائيس چانسلر بيٺل بس ۾ پڻ چڙهيو ۽ ان جو اندريون جائزو ورتو، جنهن ۾ سيٽنگ جو انتظام، ونڊوز ۽ فينشنگ ڪم شامل هو. هن ورڪشاپ ۾ بس جي ڪيل مرمت جي معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر مري چيو ته اهو ڏسي خوشي ٿي ته يونيورسٽي وٽ اهڙا ماهر ۽ تجربيڪار ميڪينڪس، اليڪٽرشن، ڊينٽر ۽ پينٽر موجود آهن، جيڪي گاڏين جي وسيع مرمت ۽ ٻيهر اڏاوتي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته پراڻي بس کي مڪمل طور فعال يونٽ ۾ تبديل ڪرڻ ورڪشاپ اسٽاف جي محنت ۽ فني مهارت جو مظاهرو آهي. ڊاڪٽر مري جو چوڻ هو ته گاڏين جي مرمت ۽ نئين سر تعمير مقامي سطح تي ڪرڻ نه صرف عوامي وسيلن کي بچائي ٿو، پر شاگردن ۽ ملازمن لاءِ ٽرانسپورٽ سهولتون جاري رکڻ کي پڻ يقيني بڻائي ٿو. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي ٽرانسپورٽ ورڪشاپ جي سرپرستي جاري رکندي ته جيئن ان جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. هن مسترين ۽ ٽرانسپورٽ سيڪشن جي ٻين ملازمن کي سندن وابستگي ۽ پيشيوراڻي مهارت لاءِ ساراهيو. هن چيو ته اهڙين سرگرمين سان گاڏين جي عمر وڌائڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته مهانگيون نيون بسون خريد ڪرڻ جي ضرورت گھٽ محسوس ٿيندي. هن يونيورسٽي جي ٽرانسپورٽ فليٽ کي سٺي حالت ۾ رکڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن شاگردن لاءِ محفوظ ۽ قابلِ اعتماد سفر کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ورڪشاپ اسٽاف کي مستقبل ۾ مرمت ۽ سار سنڀال جي ڪم ۾ ساڳي سطح جي وابستگي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي پرو وائيس چانسلر (مين ڪيمپس) پروفيسر ڊاڪٽر عبد الستار شاهه، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، پروفيسر اميد علي رند، ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري، ڊاڪٽر سڪندر علي سومرو، ڊاڪٽر جمال منگي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ٽرانسپورٽ سيڪشن جا ٻيا ملازم پڻ موجود هئا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/08/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ٽرانسپورٽ ڪميٽيءَ جو وائيس چانسيلر...
View Details → 04/08/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي مسترين پراڻي پوائنٽ بس ٻيهر ٺاهي...
View Details → 04/08/2026
1024 x 768
SU Faculty of Engineering showcases 136 innovative projects at FYP Exhibition 2026
View Details → 04/08/2026