سنڌ يونيورسٽي ۾ “بينظير ڀٽو آرٽ گيلري ۽ ناليج سينٽر” قائم، وائيس چانسلر ۽ حيرآباد جي ميئر گڏجي افتتاح ڪيو، مادرعلمي ۾ محترمه بينظير ڀٽو آرٽ گيلري جلد نوجوانن لاءِ علمي مرڪز بڻجندي، بينظير ڀٽو جمهوريت، جمهوري قدرن ۽ جدوجهد جي علامت آهي: وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ۽ ميئر ڪاشف شورو جو افتتاحي تقريب کي خطاب

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنوينشن سينٽر پاران “بينظير ڀٽو آرٽ گيلري اينڊ ناليج سينٽر” جو باقاعده افتتاح ڪيو ويو. آرٽ گيلري جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو گڏجي ريبن ڪاٽي ڪيو. آرٽ گيلري ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڀٽو خاندان جي سياسي، سماجي ۽ تاريخي جدوجهد سان لاڳاپيل يادگار تصويرون، ناياب ڪتاب، دستاويز ۽ ٻيون اهم شيون رکيل آهن، جيڪي سياست، تاريخ ۽ سماجي شعور سان دلچسپي رکندڙ شاگردن ۽ محققن لاءِ اهم علمي ذريعو بڻجنديون. افتتاح کانپوءِ وائيس چانسلر ۽ ميئر گيلري جو دورو ڪيو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس خاندان سان لاڳاپيل تصويرن ۽ دستاويزن کي گهري دلچسپي سان ڏٺو. ان موقعي تي هڪ باوقار تقريب پڻ منعقد ٿي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو صرف پاڪستان نه پر پوري دنيا لاءِ جمهوريت، حوصلي ۽ جدوجهد جي علامت رهي آهي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ قائم ڪيل هي آرٽ گيلري نوجوان نسل کي ملڪ جي سياسي تاريخ ۽ جمهوري قدرن بابت ڄاڻ فراهم ڪندي. وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته علمي ادارن جو فرض آهي ته اهي تاريخي شخصيتن جي جدوجهد کي محفوظ ڪري ايندڙ نسلن تائين پهچائين. هن شهيد بينظير ڀٽو چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانا ملاح ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سندن محنت سان هڪ اهڙو علمي ۽ ثقافتي مرڪز قائم ٿيو آهي جيڪو شاگردن لاءِ الهام جو ذريعو بڻجندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهڙيون علمي ۽ ثقافتي سرگرميون يونيورسٽي ۾ تحقيق، تخليق ۽ فڪري سجاڳي کي وڌيڪ فروغ ڏينديون. ان موقعي تي حيدرآباد جي ميئر ڪاشف شورو  چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پاڪستان جي سياسي تاريخ جي هڪ اهم ۽ باهمت اڳواڻ هئي، جنهن جمهوريت ۽ عوامي حقن لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون. هن چيو ته اهڙي گيلري قائم ٿيڻ سان نوجوان نسل کي پنهنجي تاريخ ۽ اڳواڻن جي جدوجهد بابت بهتر ڄاڻ حاصل ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن هن گيلري کي وڌيڪ بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. ميئر چيو ته علمي ۽ ثقافتي مرڪزن جي قيام سان سماج ۾ شعور، برداشت ۽ تخليقيت کي هٿي ملي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هي گيلري شاگردن ۽ محققن لاءِ هڪ اهم مطالعاتي مرڪز ثابت ٿيندي.تقريب کي خطاب ڪندي شهيد بينظير ڀٽو چيئر ۽ ڪنوينشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانا ملاح مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته نئين قائم ٿيل شهيد بينظير ڀٽو آرٽ گيلري جو بنيادي مقصد نوجوانن ۾ علمي شعور پيدا ڪرڻ، تاريخي ڄاڻ کي محفوظ ڪرڻ ۽ فنونِ لطيفه جي قدرن کي هٿي وٺرائڻ آهي ته جيئن شاگرد پنهنجي تاريخ، ثقافت ۽ قومي اڳواڻن جي جدوجهد کان واقف ٿي سگهن.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/10/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ “بينظير ڀٽو آرٽ گيلري ۽ ناليج سين...
View Details → 04/10/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں “بینظیر بھٹو آرٹ گیلری اور نالج سی...
View Details → 04/10/2026
1024 x 768
SU sets up ‘Benazir Bhutto Art Gallery & Knowledge Centre’ featuring rare photos, book...
View Details → 04/10/2026