ماهرِ نفسيات پاران ذهني صحت جي چئلينجن لاءِ تحقيق تي ٻڌل حل، ڪميونٽي جي ڀلائي ۽ عوامي آگاهي تي زور

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گذريل ڏينهن منعقد ٿيل قومي ڪانفرنس ۾ مقررن ذهني صحت بابت آگاهي ۽ ڪميونٽي جي ڀلائي جي وڌندڙ اهميت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۾ اُڀرندڙ نفسياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تحقيق تي ٻڌل قدم ۽ گڏيل ڪوششون ضروري آهن. 16هين عالمي ڪانفرنس سنڌ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف سائڪالوجي پاران پاڪستان سائڪالوجيڪل ايسوسيئيشن جي گڏيل سهڪار سان “نئين دور ۾ ڪميونٽي جي ذهني ڀلائي جا چئلينج، مسئلا ۽ موقعا”  جي سري هيٺ منعقد ڪئي وئي، پروگرام جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽر لبنيٰ سومرو مهمان مقررن، ماهرِ نفسيات ۽ شاگردن کي ڀليڪار ڪيو. سنڌ يونيورسٽي جي سوشل سائنسز فيڪلٽي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام ڪانفرنس منعقد ڪرڻ واري قدم کي ساراهيندي چيو ته اهڙيون تعليمي گڏجاڻيون ذهني صحت سان لاڳاپيل مسئلن کي عوامي بحث جو حصو بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. هن چيو ته يونيورسٽين جو ڪم رڳو تحقيق ڪرڻ تائين محدود نه هجڻ گهرجي پر تحقيق جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ هر نئين ڄاڻ کي معاشري تائين پهچائڻ به ضروري آهي ته جيئن ماڻهو ذهني دٻاءُ، سماجي دباءُ ۽ بدلجندڙ زندگيءَ جي اندازن سان مقابلو ڪري سگهن. هن وڌيڪ چيو ته معاشري جي سطح تي ايتري ته سڄاڳي هجڻ گهرجي جو ماڻهو ذهني صحت بابت ڄاڻ وٺڻ کي پنهنجي بدنامي نه سمجهن ۽ هو وقت سر ماهر مدد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺن. ڪميونٽيز کي مضبوط بڻائڻ ۾ عورتن جي ڪردار کي اجاگر ڪندي مهمان مقرر پروفيسر ڊاڪٽر فرح اقبال چيو ته تعليم ۽ برابر موقعن وسيلي عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان سماجي ترقي ۽ گڏيل ڀلائي ۾ نمايان واڌ ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته عورتون گهڻو ڪري خاندانن ۽ برادرين ۾ جذباتي سهارو بڻجن ٿيون ۽ انهن جي ذهني صحت، قيادت ۽ معاشي شرڪت ۾ سيڙپڪاري وڌيڪ مضبوط ۽ متوازن سماج پيدا ڪري سگهي ٿي. هن ڪم جي هنڌن ۽ گهرن ۾ عورتن جي نفسياتي ڀلائي لاءِ پاليسين جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. پاڪستان سائڪالوجيڪل ايسوسيئيشن جي صدر ۽ پنجاب يونيورسٽي لاهور ۾ نفسيات شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر رافعه رفيق چيو ته ڪميونٽي جي ڀلائي صحتمند ۽ ترقي يافته سماج جو بنياد آهي. هن چيو ته ڀلائي صرف جسماني صحت تائين محدود ناهي پر ان ۾ نفسياتي، جذباتي ۽ سماجي پهلو به شامل آهن. هن زور ڏنو ته ذهني صحت بابت آگاهي کي تعليمي نظام ۽ عوامي پاليسين جو حصو بڻائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهي سماج جيڪي همدردي، سماجي سهڪار ۽ جذباتي ذهانت کي اهميت ڏين ٿا، اهي سماجي تڪرارن ۽ بحرانن کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهن ٿا. اسرا يونيورسٽي حيدرآباد کان ڪهي آيل ٻئي مهمان مقرر پروفيسر ڊاڪٽر محمود مغل وڌندڙ ڊجيٽل دنيا ۾ نوجوانن جي ڀلائي بابت ڳالهايو. هن چيو ته ڊجيٽل ٽيڪنالاجي سکيا ۽ رابطي جا ڪيترائي موقعا فراهم ڪري ٿي، پر اسڪرين جو حد کان وڌيڪ استعمال نوجوانن جي ذهني، جذباتي ۽ سماجي صحت تي منفي اثر وجهي سگهي ٿو. هن اسڪرين جي عادت، جسماني سرگرمي ۾ گهٽتائي ۽ ننڊ جي خرابي جهڙن مسئلن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته والدين، استاد ۽ پاليسي ٺاهيندڙ نوجوانن ۾ ٽيڪنالاجي جي ذميواراڻي استعمال کي هٿي ڏيارين. ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ جي چيف آپريٽنگ آفيسر پروفيسر ڊاڪٽر زينب چيو ته ذهني صحت جي ماهرن کي به ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته مريضن جي تڪليف ۽ نفسياتي مسئلن سان مسلسل واسطو رکڻ سبب ماهرن ۾ ٿڪاوٽ، جذباتي دٻاءُ ۽ ذاتي ۽ پيشاور زندگيءَ ۾ توازن جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ادارن کي گهرجي ته نفسيات دانن ۽ معالجن لاءِ سهائتا وارو نظام، گڏيل رهنمائي ۽ خود سنڀال جا طريقا فراهم ڪيا وڃن. ڪراچي يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪلينڪل سائڪالاجي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر صوبيه آفتاب پڻ نفسيات دانن ۽ ڪلينڪل ماهرن جي ڀلائي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته انهن جي پنهنجي ذهني ۽ جذباتي صحت مؤثر علاج فراهم ڪرڻ ۽ اخلاقي معيار برقرار رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي. هن پيشيور تربيت، فڪري جائزي ۽ اداري جي سهڪار کي اهم قرار ڏنو ته جيئن ماهر پنهنجي پيشيور ذميوارين کي بهتر نموني نڀائي سگهن. سنڌ يونيورسٽي جي نفسيات شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر منيزه ملڪ چيو ته فردن ۽ برادرين جي ترقي لاءِ ذهني ڀلائي انتهائي اهم آهي ۽ نفسياتي مضبوطي پائيدار ترقي ۽ سماجي هم آهنگي لاءِ ضروري آهي. هن چيو ته ڪميونٽي جي ڀلائي ۾ جسماني، نفسياتي ۽ سماجي صحت شامل آهي، جنهن کي گڏيل ڪوششن، هڪٻئي جي سهڪار ۽ مختلف طريقن سان وڌيڪ مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. ڪانفرنس جي پڄاڻي ڊاڪٽر شاهانه پاران مهمانن، منتظمين ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃڻ تي ٿي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/15/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مٿين ڪلاسن ۾ داخلائن جي آخري تا...
View Details → 04/16/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، ...
View Details → 04/16/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں اگلی کلاسوں میں داخلوں کی آخری تار...
View Details → 04/16/2026