سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مٿين ڪلاسن ۾ داخلائن جي آخري تاريخ ۾ واڌ
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز تعليمي سال 2026ع لاءِ مٿين ڪلاسن ۾ داخلائن حاصل ڪرڻ لاءِ آن لائين ايڊميشن فارم ۽ فيس چالان جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشن پاران جاري ڪيل ھڪ سرڪيولر موجب بيچلر ڊگري پروگرام جي ٻئين، ٽئين، چوٿين ۽ پنجين سال ۾ داخل شاگردن سان گڏوگڏ ماسٽرز جي آخري سال جا شاگرد (صبح ۽ شام ٻنهي پروگرامن جا) هاڻي بنا ليٽ فيس جي 20 اپريل 2026ع تائين پنهنجا آن لائين ايڊميشن فارم جمع ڪرائي فيس ڀري سگھندا. فيس جمع ڪرائڻ کان پوءِ شاگردن لاءِ ضروري هوندو ته هو آن لائين ايڊميشن فارم پرنٽ ڪري، ان سان گڏ اصل ادا ڪيل چالان ۽ گذريل سيمسٽر جي مارڪس سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي پنهنجي لاڳاپيل ڪئمپس، ٽيچنگ سينٽر، انسٽيٽيوٽ يا شعبي ۾ تصديق ۽ سفارش لاءِ جمع ڪرائين.
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
04/16/2026