سنڌ يونيورسٽي جي بورڊ آف اسٽڊيز فشريز شعبي کي انسٽيٽيوٽ ۾ اپگريڊ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، نئون نالو “انسٽيٽيوٽ آف ايڪواڪلچر، فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز” رکڻ جي تجويز، ان سان تدريسي ۽ تحقيقي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي (ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري ۽ ٻيا ماهر) بورڊ پاران ٻن نون ڪورسن فهم القرآن ۽ پاڪستان اسٽڊيز جي فشريز ڊگري ۾ شموليت جي به منظوري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز جو اجلاس گذريل ڏينهن تعليمي ترقي، نصاب جي سڌارن ۽ شعبي جي مستقبل جي واڌ بابت غور ويچار لاءِ منعقد ٿيو. شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ هن مهمان ماهرن ۽ استادن کي ڀليڪار ڪيو ۽ فشريز ۽ ايڪوئٽڪ سائنسز ۾ تعليمي رٿابندي ۽ تحقيق کي مضبوط ڪرڻ ۾ سندن ڪردار کي ساراهيو. ڪارروائي جي شروعات ڊاڪٽر بارادي ورياڻي پاران قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. اجلاس ۾ دعوت ڏنل ماهرن ۾ ڊاڪٽر اسلم جروار، ڊاڪٽر عبداللطيف ڪوريجو، ڊاڪٽر شير خان پنهور ۽ ڊاڪٽر شاھده جلباڻي شامل هئا، جڏهن ته استادن ۾ نامياري محقق ۽ ساحلي ڊيلٽا جي ماهر پروفيسر ڊاڪٽر مختيار احمد مهر، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ڊاڪٽر حميده شرڪت ڪئي. اجلاس دوران ميمبرن تدريسي ۽ تحقيقي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مختلف تعليمي معاملن تي غور ڪيو. بورڊ ٻن نون ڪورسن فهم القرآن ۽ پاڪستان اسٽڊيز جي فشريز ڪورس ۾ شموليت جي منظوري ڏني. ڄاڻايل ٻنهي مضمونن کي شاگردن ۾ اخلاقي قدرن، قومي سڃاڻپ ۽ سماجي ذميواري جي شعور کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو. ميمبرن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي اسڪالرن جي ٿيسز جي جاچ۽ جائزي لاءِ موضوع جي ماهرن جي پينل جي منظوري پڻ ڏني ته جيئن گريجوئيٽ سطح تي تحقيق جي معيار ۽ شفافيت کي يقيني بڻائي سگهجي. ميمبرن اتفاق راءِ سان فشريز شعبي کي اپگريڊ ڪري مڪمل انسٽيٽيوٽ بڻائڻ جي تجويز ڏني، جنهن جو نالو انسٽيٽيوٽ آف ايڪواڪلچر، فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز رکڻ جي سفارش ڪئي وئي. ميمبرن موجب ڄاڻايل قدم تحقيق جي صلاحيت وڌائيندو، جديد تربيت کي هٿي ڏيندو ۽ فشريز، آڪواڪلچر ۽ آبي وسيلن جي انتظام ۾ شعبن وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيندو. ماهرن فشريز ۽ آڪواڪلچر جي وڌندڙ اهميت تي زور ڏيندي چيو ته خوراڪ جي سلامتي ۽ پائيدار روزگار جي فراهمي ۾ هن شعبي جو ڪردار انتهائي اهم آهي. هنن چيو ته تعليمي ادارن کي جديد تحقيق، ماحول دوست طريقن ۽ محفوظ ۽ پائيدار آبي خوراڪ جي پيداوار لاءِ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اجلاس جي پڄاڻي تي بورڊ آف اسٽڊيز جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد يونس لغاري شرڪت ڪندڙ ماهرن ۽ استادن جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته اجلاس ۾ ڪيل فيصلا يونيورسٽي ۾ شعبي جي وڌيڪ ترقيءَ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/15/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مٿين ڪلاسن ۾ داخلائن جي آخري تا...
View Details → 04/16/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ اي ڊي آرٽس، ...
View Details → 04/16/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں اگلی کلاسوں میں داخلوں کی آخری تار...
View Details → 04/16/2026