سنڌ يونيورسٽي پاران ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو وي، آگاهي واڪ ۽ وڻڪاري مهم جو اهتمام؛ موسمياتي تبديلي تيزيءَ سان وڌندڙ هڪ عالمي چئلينج آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، وڌندڙ گرمي پد ماحولياتي بگاڙ کي ويتر وڌائي رهيو آهي، ماحولياتي توازن جي بحاليءَ لاءِ وڻن پوکڻ هڪ مؤثر قدم آهي، ڪئپس تي وڌ کان وڌ وڻ پوکيا ويندا: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جو ريلي کي خطاب

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي جاگرافي شعبي پاران گرين يوٿ موومينٽ ڪلب جي سهڪار سان گذريل ڏينهن ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، ان سلسلي ۾ آگاهي واڪ ۽ وڻڪاري مهم جو اهتمام ڪيو ويو ته جيئن شاگردن ۽ استادن ۾ ماحولياتي ذميواري جو شعور پيدا ڪري سگهجي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي اڳواڻي ۾ آگاهي واڪ سينٽرل لائبريري کان شروع ٿي جاگرافي شعبي وٽ پهتي جتي تقريرون پڻ ڪيون ويون. بعد ۾ جاگرافي شعبي اندر وڻڪاري مهم جو افتتاح پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ٻوٽو پوکي ڪيو. سندس چوڻ هو ته موسمياتي تبديلي تيزيءَ سان وڌندڙ هڪ عالمي چئلينج آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته وڌندڙ گرمي پد ماحولياتي بگاڙ کي تيزيءَ سان وڌائي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي توازن بحال ڪرڻ لاءِ ٻوٽن جي پوکائي هڪ مؤثر قدم آهي، تنهن ڪري ڪئپس تي وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکيا ويندا. هن پلاسٽڪ جي استعمال ۾ گهٽتائي آڻڻ تي زور ڏيندي چيو ته پلاسٽڪ جا اثر نهايت نقصانڪار آهن. ڊاڪٽر مري ماحولياتي تبديلي کي سمجهڻ ۽ پائيدار حل ڳولڻ ۾ جاگرافي جي اهم ڪردار کي پڻ اجاگر ڪيو. هن مادرعلمي ۾ ماحول دوست روين جي واڌاري جي اهميت تي زور ڀريو. جاگرافي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر سجومل ميگهواڙ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ جاگرافي بابت عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ انساني بقا لاءِ ضروري آهي، هن خبردار ڪيو ته وڌندڙ گرمي پد انسانيت لاءِ سنجيده خطرو بڻجي رهيو آهي. ان موقعي تي جاگرافي جي شاگردن امير علي، مهڪ، فراز، رمشا، دليپ، حشمت ۽ نازيه ماحولياتي تحفظ لاءِ وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ سميت ماڻهن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ بابت پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو. هنن وڻڪاري مهم ۾ به حصو ورتو ۽ وڻ پوکڻ کي صاف ۽ صحتمند مستقبل ڏانهن اهم قدم قرار ڏنو. ان موقعي تي ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، پروفيسر ڊاڪٽر شفيق احمد جوڻيجو، شائسته خان، محب علي لغاري، سعدالله راهوجو، علي انور چانڊيو، نيلوفر سهارڻ، ڊاڪٽر خالد لاشاري، ڊاڪٽر رفيق لاشاري، ڊاڪٽر شاهه مراد چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالرزاق چنا، محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري، ڊاڪٽر پنھل خان لاشاري، ڊاڪٽر نظير بروهي، ڊاڪٽر محمد علي لغاري، ڊاڪٽر رفيق قمبراڻي، پروفيسر منٺار علي، رفيق بروهي، منور راڄڙ ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/23/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران ڌرتي ماءُ جو عالمي ڏهاڙو ملها...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ میں دھرتی ماں کا عالمی دن منایا گیا، آگ...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU marks International Mother Earth Day with awareness walk, plantation drive
View Details → 04/23/2026