سنڌ يونيورسٽيءَ “معرڪه حق” جي سري هيٺ 7 مئي تي ريلي ڪڍي ويندي، مختلف تقريبن جو اهتمام، ملي نغمن جي مقابلن لاءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جا نالا طلب
سنڌ يونيورسٽيءَ پاران “معرڪه حق” جي سلسلي ۾ جشن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر اجويد احمد ڀٽي پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته “معرڪه حق” جي سري هيٺ 7 مئي تي علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري (زيرو پوائنٽ) کان آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ تائين ريلي ڪڍي ويندي، جنهن شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ هڪ تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي. پڌرائيءَ موجب معرڪه حق تقريبن ۾ “صدقه حق” جي عنوان هيٺ ملي نغما ڳائڻ جو مقابلو پڻ منعقد ڪيو ويندو، جنهن لاءِ هر شعبي مان 3 شاگردن ۽ شاگردياڻين جا نالا طلب ڪيا ويا آهن.
Author:
Mrs. Shumaila Solangi
04/30/2026