سنڌ يونيورسٽي ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاران منشيات جي خاتمي لاءِ آگاهي سيشن جو اھتمام

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي بيورو آف اسٽئگس ۽ انٽرنيشنل رليشنز جي گڏيل سهڪار سان نيلسن منڊيلا هال ۾ منشيات خلاف آگاهي سيشن منعقد ڪيو ويو، جنھن لاءِ سھڪار وزارت نارڪوٽڪس ڪنٽرول ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) جي ريجنل ڊائريڪٽوريٽ جي ڪيو. آھاھي سيشن جو مقصد شاگردن ۽ عام ماڻهن ۾ منشيات جي جسماني، سماجي ۽ نفسياتي نقصانن بابت شعور پيدا ڪرڻ هو، جن کي مقررِن ملڪ خاص طور تعليمي ادارن لاءِ هڪ سنگين چئلينج قرار ڏنو. سيشن کي خطاب ڪندي اينٽي نارڪوٽڪس فورس بحالي مرڪز حيدرآباد جي انچارج ڊاڪٽر شهريار قمبراڻي چيو ته منشيات جو وڌندڙ استعمال نوجوان نسل لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻجي چڪو آهي، جنهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي۔ هن چيو ته اينٽي نارڪوٽڪس فورس سماجي ۽ نفسياتي مسئلي خلاف سرگرم عمل آهي، پر تعليمي ادارن جي سهڪار کانسواءِ مڪمل ڪاميابي ممڪن ناهي. اي اين ايف حيدرآباد جي ايڊيشنل ايس ايڇ او صديق احمد شاگردن تي زور ڀريو ته هو منشيات جهڙي لعنت کان پاڻ کي پري رکن ۽ صحتمند ۽ محفوظ سماج جي تعمير ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سيشن جي پڄاڻيءَ تي انٽرنيشنل رليشنز شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي ۽ ڊائريڪٽر بيورو آف اسٽئگس اجويد ڀٽي مهمان مقررِن جا ٿورا مڃيا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/13/2026
Announcements
1024 x 768
جامعہ سندھ اور اینٹی نارکوٹکس فورس کی جانب سے منش...
View Details → 05/13/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ جامشورو اور اس کے کیمپسز میں پہلے سیمس...
View Details → 05/13/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۽ اينٽي نارڪوٽڪس فورس پاران منشيات ...
View Details → 05/13/2026