سنڌ يونيورسٽي ۽ العصر ويلفيئر آرگنائيزيشن وچ ۾ معذورن جي بحالي، جامع تحقيق ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ العصر فائونڊيشن جي صدر امداد عليءَ معاھدي تي صحيحون ڪيون
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ العصر ويلفيئر آرگنائيزيشن وچ ۾ معذورن جي بحالي، جامع تعليم، تحقيق ۽ سماجي ڀلائي جي منصوبن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون ويون. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ۽ العصر ويلفيئر آرگنائيزيشن جي صدر امداد علي سومر واري ڏينهن وائيس چانسلر آفيس ۾ منعقد ٿيل ھڪ تقريب دوران ايم او يو تي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻئي ادارا گڏيل طور شاگردن جي انٽرن شپ، تحقيقي منصوبن، تربيتي پروگرامن، ورڪشاپن ۽ آگاهي مهمن تي ڪم ڪندا. معاھدي جو مک مقصد معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ آهي. ايم او يو موجب سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن کي العصر ويلفيئر آرگنائيزيشن جي بحالي مرڪزن ۾ عملي تربيت ۽ تجربو حاصل ڪرڻ جا موقعا پڻ فراهم ڪيا ويندا. ڄاڻايل معاھدو تعليمي شعبن جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، معذوري سان لاڳاپيل تحقيق کي ھٿي وٺرائڻ، اهل شاگردن لاءِ معاون اوزارن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ تعليمي توڙي سماجي ماحول ۾ شموليت تي ٻڌل ڄاڻ جي مٽاسٽا لاءِ قائم ڪئي ويئي آهي. ٻنهي ادارن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته معذور ماڻهن جي ڀلائي، سماجي شموليت ۽ صلاحيتن ۾ واڌاري لاءِ گڏيل تقريبون، سيمينار ۽ تربيتي سرگرميون منعقد ڪيون وينديون.