مرزا قليچ بيگ جو ناياب قلمي شاهڪار ‘ترڪيب الانسان’ هڪ صديءَ بعد ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ داخل، نسخو مولانا روميءَ جي مشھور مثنوي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل چونڊ بندن تي مشتمل: ڪتاب انساني شخصيت جي ڪردار ۽ اخلاق سازيءَ لاءِ نھايت موثر قرار: ڪتاب انساني فڪري، اخلاقي ۽ روحاني اوسر لاءِ بنيادي حيثيت رکندو. مرزا قليچ ھي ڪتاب 1927ع لکي مڪمل ڪيو ھو: سنڌ يونيورسٽي جي مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جو اظھار

 شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ ادبي ورثي ۾ هڪ اهم اضافو ٿيڻ وارو آهي، جتي سندس ناياب قلمي نسخو “ترڪيب الانسان” تقريبن هڪ صدي گذرڻ کان پوءِ ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڄاڻايل ڪتاب نامياري صوفي شاعر ۽ مفڪر مولانا جلال الدين روميءَ جي مشهور مثنوي مان چونڊ بندن جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن کي مرزا قليچ بيگ انساني شخصيت جي تعمير، اخلاقي تربيت ۽ ڪردار سازيءَ جي حوالي سان انتهائي اهم قرار ڏنو هو. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب، تاريخ، فلسفي، سماجي علمن ۽ تصوف جي ميدان ۾ بي مثال خدمتون سرانجام ڏنيون. سندن تصنيفات ۾ علم تصوف، حالات اولياءَ، مقالات اولياءَ ۽ مثنوي گلشن راز سميت شاهه ڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ترتيب، تشريح ۽ تحقيق تي ٻڌل ڪيترائي اهم ڪتاب شامل آهن. مرزا صاحب مولانا روميءَ جي فڪر جو گهرو مطالعو ڪندي مثنوي مان اهڙا بند چونڊي ترجمو ڪيا، جيڪي انسان جي فڪري، اخلاقي ۽ روحاني اوسر لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن ڪتاب بابت مرزا قليچ بيگ لکيو هو ته “ترڪيب الانسان” دراصل مثنوي روميءَ جو عرق، جوهر ۽ مکڻ آهي، جنهن ۾ انسان جي اصلاح ۽ تربيت سان لاڳاپيل فڪر کي سموئيو ويو آهي. سندس ترجمي جي خاص خوبي سولي زبان جو استعمال، رواني سان ڀرپور ۽ دلڪش ٻولي آهي، جنهن سبب عام پڙهندڙ به مثنويءَ جي فڪر ۽ پيغام کي آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. سنڌ يونيورسٽي جي مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا موجب ڄاڻايل ڪتاب مرزا قليچ بيگ سيپٽمبر 1927ع ۾ مڪمل ڪيو هو، پر مختلف سببن جي ڪري اهو 2026ع تائين قلمي صورت ۾ ئي محفوظ رهيو. ھن چيو ته سندس هميشه اها ڪوشش رهي آهي ته مرزا قليچ بيگ جي اڻڇپيل ۽ قلمي علمي سرمايي کي محفوظ ڪري شايع ڪيو وڃي ته جيئن هي نادر علمي ورثو تحقيق ڪندڙن، شاگردن ۽ عام پڙهندڙن تائين پهچي سگهي. ھن وڌيڪ چيو ته موجوده وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) مرزا قليچ بيگ چيئر جي علمي، ادبي ۽ تحقيقي سرگرمين جي واڌاري لاءِ ڀرپور سهڪار فراهم ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي اهم علمي منصوبا تڪميل ڏانهن وڌي رهيا آهن. ڊاڪٽر نواب ڪاڪا اميد ظاهر ڪئي ته “ترڪيب الانسان” جي اشاعت سنڌي ادب، تصوف ۽ فڪر جي ميدان ۾ هڪ اهم علمي واڌارو ثابت ٿيندي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/29/2026
Announcements
1024 x 768
مرزا قليچ بيگ جو ناياب قلمي شاهڪار ‘ترڪيب الانسا...
View Details → 06/29/2026
1024 x 768
مرزا قلیچ بیگ کا نایاب قلمی شاہکار “ترکیب الانسا...
View Details → 06/29/2026
1024 x 768
University of Sindh Student Secures First Position Among National Top Achievers of HEC Nat...
View Details → 06/29/2026