سنڌ يونيورسٽيءَ اونهاري جي موڪلن کانپوءِ نيچرل سائنسز فئڪلٽي ۾ تدريسي سرگرمين کي وڌيڪ منظم، معياري ۽ شاگرد دوست بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي؛ معياري تعليم جي فراهمي، شاگردن جي سهولتن ۾ واڌ ۽ نظم ضبط تي به عمل ڪرائڻ جو فيصلو: تعليمي سرگرمين جي بهترين شروعات لاءِ تياري مڪمل ڪن ۽ يقيني بڻائين ته تدريسي شيڊيول تي يونيورسٽي جي تعليمي ڪئلينڊر موجب سختي سان عمل ڪيو وڃي: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جو اظهار
سنڌ يونيورسٽي انتظاميا اونهاري جي موڪلن کانپوءِ نيچرل سائنسز فئڪلٽي جي تدريسي سرگرمين کي وڌيڪ منظم، معياري ۽ شاگرد دوست بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ تعليمي نظم ۽ ضبط، معياري تدريس، شاگردن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ سازگار تعليمي ماحول کي يقيني بڻائڻ جو عزم ورجايو ويو. ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) جي صدارت هيٺ نيچرل سائنس فيڪلٽي جي ڊين آفيس ۾ فئڪلٽي جي مختلف تدريسي شعبن جي چيئرپرسنز ۽ ڊائريڪٽرن جو اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اونهاري جي موڪلن کانپوءِ نئين تعليمي سيشن جي شروعات بابت تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته موڪلون ختم ٿيندي ئي ٻئي سيمسٽر جا باقاعده ڪلاس بنا ڪنهن دير جي پهرين ئي ڏينهن کان شروع ڪيا ويندا. گڏجاڻيءَ ۾ اهو پڻ طئي ڪيو ويو ته شاگردن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪري کين بنا ڪنهن رڪاوٽ جي بهترين تعليمي ماحول مهيا ڪيو ويندو. اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سمورن شعبن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته هو تعليمي سرگرمين جي بهتر طريقي سان شروعات لاءِ تياري مڪمل ڪن ۽ يقيني بڻائين ته تدريسي شيڊيول تي يونيورسٽي جي علمي ڪئلينڊر موجب سختي سان عمل ڪيو وڃي. هن استادن تي زور ڀريو ته هو روزانو آفيس ٽائيم ختم ٿيڻ تائين پنهنجن آفيسن ۾ موجود رهن ته جيئن شاگردن کي هر وقت تعليمي توڙي تحقيقي رهنمائي، مشاورت ۽ ذهني آبياري جون سهولتون ميسر اچي سگهن. هن چيو ته استاد جو ڪردار صرف ڪلاس روم تائين محدود نه آهي پر شاگردن جي تعليمي، تحقيقي ۽ پيشاورڻي واڌ ويجهه ۾ مسلسل رهنمائي ڪرڻ به سندس بنيادي ذميواري آهي. وائيس چانسيلر چيو ته يونيورسٽي ۾ اهڙو سازگار تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جيڪو شاگردن ۾ تنقيدي سوچ، سائنسي تحقيق، تخليقي صلاحيتن ۽ جدت کي هٿي ڏئي. هن شعبن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته هو استادن کي جديد تدريسي طريقا اختيار ڪرڻ، ليباريٽري بنياد تي سکيا کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، تحقيقي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ ۽ شاگردن کي سائنسي منصوبن، تحقيقي مقابلن ۽ تعليمي سرگرمين ۾ ڀرپور شرڪت لاءِ همٿائين. ڊاڪٽر مري وقت جي پابندي، تعليمي نظم ضبط ۽ ڪلاسن ۾ باقاعده حاضري کي به انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته اهي عنصر تعليمي معيار کي بلند ڪرڻ ۽ جديد سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکندڙ قابل گريجوئيٽس تيار ڪرڻ لاءِ لازمي آهن. هن شعبن جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته هو يونيورسٽي کُلڻ کان اڳ پنهنجن شعبن جون سموريون ضرورتون واضح ڪن ۽ ليباريٽرين، ڪلاس رومن، تدريسي سامان ۽ ٻين تعليمي وسيلن جي مڪمل دستيابي کي يقيني بڻائين. هن وڌيڪ چيو ته استادن ۽ شاگردن جي وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي ۽ تعليمي معاملن جي بروقت حل لاءِ يونيورسٽي انتظاميا سان ويجهو رابطو رکيو وڃي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن يونيورسٽي جي تعليمي پاليسين تي مڪمل عملدرآمد، گڏيل سهڪار سان معياري تعليم جي فراهمي ۽ شاگردن لاءِ سازگار، تحقيقي ۽ فڪري ماحول پيدا ڪرڻ واري عزم کي ٻيهر ورجايو. اجلاس ۾ فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، ڪوالٽي اينهانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، ڊاڪٽر فرحت نورين، ڊاڪٽر رفعت سلطانه، ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري، ڊاڪٽر رياض مري، ڊاڪٽر سرفراز حسين تنيو، ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊاڪٽر امتياز ڪوريجو، ڊاڪٽر رابعه ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري، ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري ۽ نيچرل سائنسز فئڪلٽي جي مختلف تدريسي شعبن جي سربراهن شرڪت ڪئي.