سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي صدارت ھيٺ اعلي سطحي اجلاس، تعليمي سال 2027ع تحت بيچلرس ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن جو شيڊيول يڪراءِ منظور: 4 جنوري کان ڪلاس شروع ڪرائڻ جو به اعلان
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) جي صدارت هيٺ گذريل ڏينهن ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تعليمي سال 2027ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامن ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن جي شيڊيول جي يڪراءِ منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ پرو وائيس چانسلر مين ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پرو وائيس چانسلر دادو ڪيمپس پروفيسر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، رجسٽرار ساجد قيوم ميمڻ، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، مختلف فئڪلٽين جا ڊين، ڊائريڪٽر فنانس، ٻنهي امتحانن وارن ڪنٽرولرن، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر، انفارميشن ٽيڪنالاجي سروسز سينٽر جي ڊائريڪٽر، بوائز توڙي گرلس هاسٽلن جي پرووسٽن، اسٽوڊنٽس ايڊوائيزر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تفصيلي غور ويچار کان پوءِ بيچلر ڊگري پروگرامن ۽ بي ايس ٽئين سال جي داخلائن بابت تجويز ڪيل شيڊيول جي متفقه منظوري ڏني وئي. منظور ڪيل شيڊيول موجب داخلائن جي اشتهاري مهم 9 آگسٽ 2026ع تي شروع ڪئي ويندي، جڏهن ته يونيورسٽي جي آن لائين ايڊميشن ويب پورٽل ذريعي رجسٽريشن جو آغاز 10 آگسٽ 2026ع کان ٿيندو. آن لائين داخلا فارمن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 11 سيپٽمبر 2026ع مقرر ڪئي ويئي آهي. بيچلر ڊگري پروگرامن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ 4 آڪٽوبر 2026ع تي ورتي ويندي، جڏهن ته ايل ايل ايم ايوننگ ڊگري پروگرام جي پري انٽري ٽيسٽ 1 نومبر 2026ع تي منعقد ٿيندي. پهرين عارضي ميرٽ/سيلڪشن لسٽ 10 نومبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي. اميدوارن کي 10 کان 12 نومبر تائين اعتراض داخل ڪرائڻ جو موقعو ڏنو ويندو، اعتراضن جي ازالي بعد نظرثاني ٿيل پهرين عارضي ميرٽ لسٽ 15 نومبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي. چونڊيل اميدوار 16 نومبر کان 27 نومبر 2026ع تائين داخلا فيس جمع ڪرائڻ سان گڏ مئٽرڪ، انٽرميڊيئيٽ، ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ مارڪ سرٽيفڪيٽن سميت گهربل دستاويز جمع ڪرائيندا. ٻي عارضي ميرٽ لسٽ 1 ڊسمبر 2026ع تي جاري ٿيندي. 2 ڊسمبر تي اعتراضن جي ٻڌڻي ۽ ازالي کانپوءِ نظرثاني ٿيل ٻي ميرٽ لسٽ 3 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته ان لسٽ جي چونڊيل اميدوارن کان فيون 4 ڊسمبر کان 11 ڊسمبر 2026ع تائين وصول ڪيون وينديون. ٽئين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ پهرين اسپيشل لسٽ 15 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته فيون 15 کان 19 ڊسمبر 2026ع تائين جمع ڪرايون وينديون. چوٿين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ ٻي اسپيشل لسٽ 22 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته فيون 22 کان 26 ڊسمبر 2026ع تائين وصول ڪيون وينديون. پنجين عارضي ميرٽ لسٽ ۽ بچيل سيٽن لاءِ ٽين اسپيشل لسٽ 29 ڊسمبر 2026ع تي جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته چونڊيل اميدوار 29 ڊسمبر 2026ع کان 2 جنوري 2027ع تائين داخلا فيسون جمع ڪرائي سگهندا. منظور ڪيل شيڊيول موجب تعليمي سال 2027ع جا باقاعده ڪلاس 4 جنوري 2027ع شروع ٿيندا. اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) سڀني لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته داخلا عمل جي هر مرحلي کي مقرر وقت اندر مڪمل ڪيو وڃي ۽ اميدوارن کي شفاف، مؤثر، تيز رفتار ۽ مڪمل ميرٽ تي ٻڌل داخلا نظام تحت وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.