سنڌ يونيورسٽي طرفان يومِ استحصالِ ڪشمير ملهايو ويو، تڪرارن جي پرامن نبيري تي زور، 5 آگسٽ 2019ع ۾ والاريل ڪشمير جي خصوصي آئيني حيثيت ختم ڪرڻ واري قدم جي پرزور مذمت
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گذريل ڏينهن يومِ استحصالِ ڪشمير جي موقعي تي هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ مقررن ڪشميري عوام جي حقِ خوداراديت جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت کي يڪطرفو ختم ڪرڻ واري قدم جي پرزور مذمت ڪئي. مقررن زور ڀريو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب ڪشمير تڪرار جو پرامن حل ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي ضروري آهي. سيمينار جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (ٽي آءِ) ڪئي. تقريب ۾ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، سنڌ يونيورسٽي مين ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، شعبي تاريخ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عرفان شيخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي استاد ڊاڪٽر معشوق علي خواجا، مختلف فئڪلٽين جي ڊينز، تدريسي شعبن جي چيئرپرسنز، ڊائريڪٽرز، استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي صدارتي خطاب ۾ پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت کي يڪطرفي طور ختم ڪيو، جنهن کي ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري جي ڪيترن ئي حلقن رد ڪيو. هن چيو ته ڏکڻ ايشيائي علائقائي سهڪار واري تنظيم (سارڪ) خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب گهڻي عرصي کان غيرفعال رهي آهي، جنهن سبب علائقائي ترقي ۽ استحڪام متاثر ٿيو آهي. هن نئين دهلي ۾ سارڪ پاران قائم ڪيل سائوث ايشين يونيورسٽي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ٻين ڪجهه سارڪ ملڪن جي شاگردن تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون، جيڪي علائقائي سهڪار جي روح جي ابتڙ آهن. ڊاڪٽر مري سر ڪريڪ تڪرار جو ذڪر ڪندي چيو ته اهو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اڃا تائين حل طلب معاملن مان هڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت طرفان ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضي سبب علائقائي امن، سرحدي تعلقاتن ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي ناڪاري اثر پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارتي کي سنڌ طاس معاهدي سميت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ انهن ۾ يڪطرفيون تبديليون نه آڻڻ گهرجن. مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي چيو ته يومِ استحصالِ ڪشمير رڳو علامتي تقريبن تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر ان کي مسئلي جي حل لاءِ عملي قدمن جي ياد ڏياريندڙ ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي. هن ڀارت تي زور ڀريو ته اهو اهڙن قدمن کان پاسو ڪري، جيڪي عالمي سطح تي تڪراري تسليم ٿيل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت کي نقصان پهچائين ٿا. ڊاڪٽر عقيلي وڌڪ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت جي قدمن سان ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني ۽ سياسي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن سبب علائقي جي عوام جون تڪليفون وڌيڪ وڌيون. پوليٽيڪل سائنس شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر چيو ته پاڪستان پنهنجي سياسي نقشي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير کي تڪراري علائقو ظاهر ڪيو آهي ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڳالهين وسيلي مسئلي جي پرامن حل جي حمايت جاري رکي آهي. هن عالمي برادري خاص طور گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو تڪرار جي پرامن حل لاءِ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪري. تاريخ شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عرفان شيخ چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته يومِ استحصالِ ڪشمير بابت آگاهي پروگرام 5 آگسٽ 2019ع جي واقعن ۽ پاڪستان جي موقف کان عوام کي آگاهه ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيا وڃن ٿا. ڊاڪٽر معشوق علي خواجا چيو ته يومِ استحصالِ ڪشمير ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ عالمي ٺهرائن موجب تڪرار جي پرامن حل جي حمايت ورجائڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي حڪومت طرفان آرٽيڪل 370 جي خاتمي سان علائقي جي آئيني حيثيت بنيادي طور تبديل ٿي وئي ۽ اڳوڻي رياست کي ٻن وفاقي انتظام هيٺ علائقن ۾ ورهايو ويو. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب ڪشميري عوام جون خواهشون مستقبل ۾ ڪنهن به حل جو بنيادي مرڪز هئڻ گهرجن. ان کان اڳ سنڌ يونيورسٽي جي بيورو آف اسٽيگس پاران وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ ھال ۾ منعقد ڪيل سيمينار جي شروعات پاڪ ڪلام جي تلاوت سان ٿي، جنهن جو شرف انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز جي استاد نظر حسين چانڊيو اصل ڪيو، جنهن بعد ملڪ جو قومي ترانو وڄايو ويو. قومي تراني جي احترام ۾ ھال ۾ موجود سڀ عملدار اٿي بيهي رھيا.