سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ گائڪي جا مقابلا، 47 شاگردن ۽ شاگردن پاران اردو ۽ سنڌي ۾ خوبصورت گيت پيش، ڪامياب اميدوارن ۾ ايوارڊ ورهايا ويا، يومِ دفاع جي سلسلي ۾ پڻ راڳ رنگ جو پروگرام منعقد، وائيس چانسيلر شرڪت ڪئي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ خميس واري ڏينهن مختلف شعبن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ٻن ٻولين سنڌي ۽ اردو تي ٻڌل گائڪي جا مقابلا منعقد ڪيا ويا، جنهن ۾ 47 شاگردن توڙي شاگردياڻين سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ پنهنجي گائڪيءَ جي صلاحيتن جو ڀرپور مظاھرو ڪندي خوبصورت گيت پيش ڪيا، جنھن سبب ماحول مھڪي پيو، ڪامياب اميدوارن کي ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. مقابلو بيورو آف اسٽيگس پاران آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويو. مقابلي ۾ مختلف شعبن ۽ سينٽرن جي 47 شاگردن مان 26 شاگردن سنڌي ٻوليءَ ۽ 21 شاگردن اردو ٻوليءَ واري ڪيٽيگري ۾ مقابلو ڪيو. سنڌي ٻوليءَ واري ڪيٽيگري ۾ شاگرد روي ڪمار پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته اردو جي شاگرد شهزاد ٻي پوزيشن ۽ فزيالوجي اينڊ ميڊيڪل ليبارٽري ٽيڪنالاجي جي شاگرد منيش ڪمار ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. اردو ٻوليءَ واري ڪيٽيگري ۾ پوليٽيڪل سائنس جي شاگرد امجد علي لاشاري پهرين پوزيشن ماڻي، فيڪلٽي آف فارميسي جي فارم ڊي جي شاگرد ڪلياڻ آڏواڻي ٻي پوزيشن، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف بايو ڪيمسٽري جي شاگرد سيد عذير شاهه ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ان موقعي تي ساڳئي آڊيٽوريم ۾ منجهند جو يومِ دفاع جي حوالي سان گائڪيءَ جي تقريب پڻ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ پاڪستان جي قومي هيروز جي بهادري، همت ۽ لازوال قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي. تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. ٻنهي پروگرامن جو اهتمام بيورو آف اسٽيگس پاران يونيورسٽيءَ جي هم نصابي سرگرمين ۽ قومي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيو ويو.