“سرسبز سڀاڻي جي شروعات اڄ کان ” سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارميسي فئڪلٽي ۾ وڻڪاري مهم شروع، وائيس چانسلر ٻوٽو پوکي افتتاح ڪيو وڻ ماحولياتي توازن برقرار رکڻ ۽ موسمياتي اثرن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: ڊاڪٽر فتح محمد مري
سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري جي فئڪلٽي آف فارميسي ۾ وڻڪاري مهم شروع ٿي وئي آهي، انٽرنيشنل سماجي تنظيم هيلپنگ هينڊ فار رليف اينڊ ڊولپمينٽ (HHRD) جي “يوٿ فار هيومنٽي امپاورمينٽ پروگرام (YEP) ” جي سهڪار سان شروع ڪيل هن مهم جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) مهمان خاص طور ٻوٽو پوکي ڪيو . وڻڪاري مهم جي پهرين ڏينهن 200 گلدار ۽ ميويدار ٻوٽا پوکيا ويا، جن ۾ نم، گل موهر، سنهانجڙو، گلاب، ڄمون، چيڪو ۽ ٻيا ٻوٽا شامل هئا. فئڪلٽي اندر مختلف جاين تي 200 ٻوٽا پوکيا ويا. هن تقريب ۾ فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ايڇ ايڇ آر ڊي جي واءِ اي پي پروگرام جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر سلمان احمد، ڊاڪٽر عمر ٿيٻو سميت فئڪلٽي جي مختلف شعبن جي چيئرمينن ۽ استادن جن ۾ ڊاڪٽر فوزيه پنهور، ڊاڪٽر عبيد الرحمان مغل، ڊاڪٽر محمد اڪرم، ڊاڪٽر عمران، ڊاڪٽر احمد شاهه، ، ڊاڪٽر محمد اسلم، ڊاڪٽر نريندر ڪمار، ڊاڪٽر شعيب محمد، ڊاڪٽر جميلا جمالي، وقاص سبزوئي، شاهه بيبي ۽ ٻيا شامل هئا، سميت شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف قسمن جا ٻوٽا پوکيا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته سنڌ يونيورسٽي طرفان گذريل هڪ مهيني کان وڻڪاري مهم جو سلسلو جاري آهي ۽ يونيورسٽي اندر مختلف جاين تي ٽن هزارن کان وڌيڪ ٻوٽا پوکيا ويا آهن، جن جي بهترين سار سنڀال سبب انهن اسرڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته دنيا هن وقت سنگين ماحولياتي بحرانن ۽ موسمياتي تبديلين جهڙن چئلينجن کي منهن ڏئي رهي آهي، گرمي پد ۾ مسلسل واڌ سبب اهو ماحول لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ وڻ پوکڻ جي ضرورت تمام گهڻي وڌي وئي، وڌ ۾ وڌ وڻ پوکڻ سان ئي هڪ محفوظ ۽ صحتمند مستقبل کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته وڻ ماحولياتي توازن برقرار رکڻ، هوا کي صاف رکڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي ماحولياتي بهتري لاءِ هميشه اڳڀري رهي آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي ته وڌ ۾ وڌ ٻوٽا پوکي نه رڳو يونيورسٽي کي سرسبز بڻايون پر ان کي ماحولياتي حوالي سان پڻ صحت افزا بڻايون.وائيس چانسلر يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن تي زور ڀريو ته اهي پنهنجي يونيورسٽي، پنهنجي گهرن ۽ آس پاس جي ماحول کي سرسبز بڻائڻ لاءِ وڻڪاري مهم ۾ پنهنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪن. ان موقعي تي فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو وائيس چانسلر ۽ هيلپنگ هينڊ فار رليف اينڊ ڊولپمينٽ جي نمائندن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ وڻڪاري جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. ٻوٽا پوکڻ کانپوءِ وائيس چانسلر فئڪلٽي اندر مختلف ڪلاس رومن جو دورو پڻ ڪيو ۽ هلندڙ تدريسي عمل جو جائزو ورتو.