سنڌ يونيورسٽي جي آءِ ٽي شعبي جي شاگردن انٽرنيشنل ملٽي ڊسيپلينري ريسرچ ڪانفرنس ۾ “بهترين پيپر” جو ايوارڊ ماڻي ورتو، وائيس چانسلر طرفان مبارڪون، هيءَ ڪاميابي شاگردن جي قابليت سان گڏ يونيورسٽيءَ جي اعليٰ تدريسي ۽ تحقيقي معيار جو ثبوت پڻ آهي: ڊاڪٽر فتح محمد مري
سنڌ يونيورسٽي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي انڊرگريجوئيٽ شاگردن انٽرنيشنل ملٽي ڊسيپلينري ريسرچ ڪانفرنس (IMRC-2026) ۾ ‘بيسٽ پيپر آف دي سيشن’ جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيو آهي. ايوارڊ حاصل ڪندڙ شاگردن جن ۾ ساحل ساجن، محمد شعيب ۽ محمد انس پنهنجي استادن ڊين فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر عبدالوحيد مهيسر ۽ ڊاڪٽر ارجمند بانو سومرو جي قيادت ۾ وائيس چانسلر آفيس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) سان ملاقات ڪئي ۽ حاصل ڪيل ڪاميابي جا تفصيل پيش ڪيا. وائيس چانسلر ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ سندن سپروائيزر استادن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هي ڪاميابي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي قابليت ۽ صلاحيت کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽي جي تدريسي ۽ تحقيقي اعليٰ معيار جو پڻ شاندار مثال آهي.شاگردن پنهنجي شاندار ڪارڪردگي ذريعي يونيورسٽي لاءِ اعزاز حاصل ڪيو آهي. هن سندن تحقيق کي ساراهيندي چيو ته ScudoKid جهڙن اثرائتن ۽ اخلاقي اصولن تي ٻڌل مصنوعي ذهانت جي ايپليڪيشن جي تياري سنڌ يونيورسٽي جي علمي برتري ۽ سماجي ڀلائي لاءِ وڌندڙ عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن وائيس چانسلر جي رهنمائي ۽ همت افزائي جي مهرباني مڃيندي، ڪانفرنس جا تفصيل ڏيندي ٻڌايو ته اها ڪانفرنس 10 کان 12 سيپٽمبر 2026ع تائين پشاور يونيورسٽي جي باڙه گلي سمر ڪيمپس ۾ منعقد ٿي.”زندگين جي تحفظ ۽ امن جي فروغ لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال: هڪ عالمي نقطه نظر“ جي موضوع تي منعقد ٿيل ڪانفرنس ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه جي 33 کان وڌيڪ يونيورسٽين سان لاڳاپيل اسڪالرن شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جي انڊرگريجوئيٽ محققن ساحل ساجن، محمد شعيب ۽ محمد انس ”ScudoKid“ جي عنوان سان پنهنجو تحقيقي منصوبو پيش ڪيو، جيڪا مصنوعي ذهانت تي ٻڌل والدين لاءِ ٻارن جي نگراني ۽ ڊجيٽل تحفظ جي ايپليڪيشن آهي. هي منصوبو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوحيد مهيسر ۽ ڊاڪٽر ارجمند بانو سومرو جي نگراني هيٺ تيار ڪيو ويو. سخت جانچ ۽ جائزي کانپوءِ منصوبي کي ’بيسٽ پيپر آف دي سيشن‘ جو اعزاز ڏنو ويو. مقابلي ۾ GIKI، COMSATS، يونيورسٽي آف پشاور ۽ سرحد يونيورسٽي سميت ملڪ جي نامور تعليمي ادارن جا تحقيقي منصوبا شامل هئا.