سنڌ يونيورسٽي تعليمي سال 2027ع لاءِ آن لائن داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 16 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري پاران تعليمي سال 2027ع تحت بيچلر، بي ايس (ٽيون سال) ۽ ماسٽر ڊگري پروگرامن لاءِ آن لائن داخلا فارم جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 16 سيپٽمبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پاران جاري ڪيل ھڪ پڌرائيءَ موجب اميدوار ھاڻي آن لائين فارم ۽ 3000 رپيا پروسيسنگ فيس 16 سيپٽمبر 2026ع تائين ادا ڪري سگھن ٿا. واضح رھي ته هي فيصلو رجسٽريشن کان رھجي ويل اميدوارن کي پنهنجا فارم مڪمل ڪرڻ ۽ داخلا واري عمل ۾ شامل ٿيڻ جو آخري موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آھي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/15/2026
Announcements
1024 x 768
“سرسبز سڀاڻي جي شروعات اڄ کان ” سنڌ يونيورسٽيءَ ...
View Details → 09/15/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي آءِ ٽي شعبي جي شاگردن انٽرنيشنل ...
View Details → 09/15/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي تعليمي سال 2027ع لاءِ آن لائن داخلا ف...
View Details → 09/15/2026