مقررن خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري کي لطيفي روايت جو تسلسل قرار ڏئي ڇڏيو: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪانفرنس منعقد خليفي مختلف ٻولين ۾ شاعري سرجي پنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام پيدا ڪيو.سندس شاعري جماليات جي رنگن سان ڀرپور آهي: ڊاڪٽر فتح محمد مري
گهڻ ٻوليائي مشهور شاعر خليفي نبي بخش قاسم جي ياد ۾ “خليفو نبي بخش قاسم پنجين يادگار ڪانفرنس” سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي پير حسام الدين راشدي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي، ڪانفرنس جو خاص مهمان سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جو چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي هو، جڏهن ته اعزازي مهمانن ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجهي، مختيار ابڙو، سنڌ يونيورسٽي بدين ڪئمپس جو ڪوآڊينيٽر ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيئر اينڊ ڪنوينشن سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ريحانه ملاح ۽ خليفو عبدالخالق شامل هئا. خليفو نبي بخش قاسم يادگار ڪميٽي طرفان سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي سهڪار سان منعقد ٿيندڙ هن ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته خليفي نبي بخش جي شاعري لطيفي روايت جو تسلسل آهي، هو 16 هين جو اهم شاعر آهي، جنهن هڪ ئي وقت مختلف ٻولين ۾ شاعري سرجي پنهنجو الڳ ۽ منفرد مقام پيدا ڪيو. هن چيو ته سندس شاعري جماليات جي رنگن سان ڀرپور آهي. هن پنهنجي دور ۾ جيئن ڏٺو ۽ جيئن محسوس ڪيو اهو جيئن جو تيئن پنهنجي شاعري ۾ بيان ڪري ڇڏيو، هو بيباڪ شاعر هو ، سندس رسالي جا سمورا سر ماڻهن جي دلين جو آواز ۽ ان وقت جي حالتن جو چٽو عڪس آهن.وائيس چانسلر چيو ته خليفي جو رسالو ٻيهر ڇپجڻ گهرجي، جنهن لاءِ جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جي سهڪار جي ضرورت پوي ته يونيورسٽي ڀرپور سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن پنهنجي خطاب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي سميت انگريزي، تاريخ، آرٽ اينڊ ڊزائين سميت ٻين شعبن جي شاگردن کي صلاح ڏني ته اهي خليفي نبي بخش جي شاعري تي تحقيق ڪري ۽ هن جي شاعراڻي تصور تي پئنٽنگس ٺاهي سندس شاعراڻي فڪر کي اڳتي وڌائي سگهن ٿا. هن شاندار ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي خليفي نبي بخش قاسم يادگار ڪميٽي، يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هن قسم جون ڪانفرنسون انهن شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سان گڏ انهن جي قلمي پورهئي کي نئين نسل ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون .هن ڪميٽي جي آرگنائيزرن کي صلاح ڏني ته اهي هن کي اداري جي شڪل ڏين ۽ ان جي پليٽ فارم تان خليفي جي شخصيت ۽ شاعري تي تحقيقي ۽ اشاعتي سلسلي کي اڳتي وڌائين، کيس اميد آهي ته حڪومت توڙي مختلف ادارا ساڻن ان سلسلي ۾ ڀرپور سهڪار ڪندا. ان کان اڳ نامياري ليکڪ، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سينيئر پروفيسر ۽ خليفي نبي بخش يادگار ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر محمد اسماعيل ڪنڀر پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ۽ ڪانفرنس جي مقصدن تي روشني وڌي. هن چيو ته خليفي جي شاعري ۾ ڌرتي جو آواز شامل آهي، سندس دستياب ڪلام تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي ڪميٽي جي سيڪريٽري ۽ نامياري صحافي دودو چانڊيو پڻ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ، خليفي جي شاعري تي روشني وڌي ۽ يونيورسٽي جون ساروڻيون ساروڻيون ساريون. ان موقعي سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري اسان جو وڏو سرمايو آهي، جنهن ۾ جمالياتي ۽ مزاحمتي رنگ چٽا ملن ٿا. هن چيو ته خليفو پنهنجي دور جو منفرد شاعر آهي، کيس جيڪا مڃتا ملڻ گهرجي اها نه ملي سگهي آهي. هن چيو ته سندس شاعري جي مختلف رخن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ان موقعي تي وائيس چانسلر جي سهڪار جي مهرباني مڃيندي چيو ته ڊاڪٽر مري صاحب انتهائي قابل ۽ دور انديش شخصيت جو مالڪ آهي، جنهن جي اچڻ کانپوءِ يونيورسٽي اندر نمايان تبديلي نظر اچي رهي آهي، اسين گڏيل سهڪار سان شاهه لطيف عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ تمام جلد ان جو انعقاد ڪيو ويندو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر محمد علي مانجهي چيو ته خليفي قاسم جي پيشڪش جو انداز منفرد آهي، سندس شاعري تي شاهه لطيف جو ڀرپور اثر موجود آهي، سندس تمثيلون لفظن جو ڀنڊار آهن. ڊاڪٽر ريحانه ملاح چيو ته خليفي جي شاعري ۾ عڪس نگاري جا منظر چٽا نظر اچن ٿا. سندس شاعري ۾ عشق جي تپش ۽ محبوب سان ملڻ جي تڙپ موجود ملي ٿي، سندس وڏي سڃاڻپ وطن دوستي ۽ مزاحمت آهي. ڊاڪٽر طفيل احمد چانڊيو چيو ته خليفو نبي بخش قاسم تهذيب جو وارث شاعر آهي، سندس شاعري ۾ منصور بن حلاج واري باغيانه تصوف واري روايت ملي ٿي. هن جي سرائيڪي شاعري تي بابا فريد جو اثر آهي. مختيار ابڙو چيو ته سنڌ قديم وقت کان سهپ ۽ رواداري جي روايت سان گڏ پنهنجي بقا لاءِ ڀرپور مزاحمتي ڪردار پڻ ادا ڪندي رهي آهي . خليفي کرڙي واري جنگ کي شاندار انداز ۾ رقم ڪيو آهي. پنهنجو مقالو پيش ڪندي نامياري اديب تاج جويو چيو ته خليفو ڀٽائي کان 24 سال پوءِ ڄائو ، هن جي هر سر ۾ جماليات ۽ خيالن جي خوبصورتي آهي.هن نج سنڌي ڪيڏارو لکيو. نامياري ليکڪ ڊاڪٽر اسحاق سميجو چيو ته خليفو پنهنجي دور جو وڏو شاعر آهي، کيس ڄاڻي واڻي ديوار سان لڳايو ويو. هن پنهنجي معاشري کي روشني جو دڳ ڏيڻ پئي چاهيو. سندس پورهيو شاندار آهي، يونيورسٽين ۾ ان تي ڪم ٿيڻ گهرجي. خليفي نبي بخش تي پي ايڇ ڊي ڪندڙ ڊاڪٽر قادر بخش مگسي چيو ته خليفي جي شاعري شاهه سائين جي پيغام جو تسلسل آهي. هن چيو سندس شاعري تي شروعاتي ڪم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڪيو . سندس سرن تي وڌيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نامياري ليکڪا ڊاڪٽر حسين مسرت شاهه چيو ته ڪلاسيڪل شاعرن تصوف کي پنهنجي انداز ۾ پيش ڪيو آهي ، ڪلاسيڪل شاعري ۾ خليفي جو الڳ مقام آهي، پاڻ پنهنجي دور جو وڏو شاعر هو. ڊاڪٽر مخمور بخاري چيو ته خليفو گهڻ ٻوليائي شاعر آهي. سنڌي، هندي، سرائيڪي، ڍاٽڪي ۽ ٻين ٻولين ۾ هن شاندار لکيو آهي. سندس شاعري جمالياتي ۽ مزاحمتي رنگ ۾ پنهنجي ڌرتي سان جڙيل آهي. نامياري ليکڪ خليل ڪنڀار چيو ته خليفو نبي بخش رومانس جو شاعر آهي، هن جي مزاحمت ۾ به رومانس آهي.نامياري ليکڪا سردار خاتون چيو ته خليفي جي شاعري ۾ سنڌ جي مٽي جي خوشبو آهي، هن ذاتي احساس کي اجتماعي احساس بڻايو. عشق هن وٽ محرومي نه پر قدرن جي تبديلي جو نالو آهي. ان موقعي تي وائيس چانسلر مقالا نگارن کي يادگار شيلڊون ۽ پروگرام جي آرگنائيزرن کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.ڪانفرنس جي آغاز ۾ سعيد سميجو شاهه سائين جي وائي پيش ڪئي. آخر ۾ موسيقي جي محفل ۾ نامياري راڳي راحت فقير سرن جي ورکا ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ يونيورسٽي دادو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا ناز سومرو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نور محمد شاهه سميت مختلف انسٽيٽيوٽس جي ڊائريڪٽرن، شعبن جي سربراهن، استادن، اديبن جن ۾ امر سنڌو، ڊاڪٽر شازيه پتافي، ڊاڪٽر سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر نويده ڪٽپر، ڊاڪٽر حميرا هڪڙو، سبين نعيم، شوڪت اڄڻ، ادريس جتوئي، نظير قريشي، غلام رسول چانڊيو ۽ ٻيا شامل هئا شرڪت ڪئي.