سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ آن لائن ڪيريئر فارمولي بابت سيمينار منعقد، ڊين ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا طرفان خاص مهمان طور شرڪت

سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ٽيڪنالاجي انڪيوبيشن سينٽر (TIC) پاران آخري سال جي شاگردن لاءِ “آن لائن ڪيريئر فارمولو: اسڪلز، برانڊنگ ۽ فري لانسنگ” جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد شاگردن کي آن لائن ڪيريئر جي نون موقعن کان آگاهه ڪرڻ ۽ سندن مهارتن کي آمدني جو ذريعو بڻائڻ بابت رهنمائي فراهم ڪرڻ هو. هن سيمينار ۾ فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب  ۾  ڊاڪٽر ڌوميجا شاگردن کي ڪلاس روم کان ٻاهر عملي تجربا فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته کين روزگار حاصل ڪرڻ سان گڏ فري لانسنگ، ڪاروبار ۽ خود روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ اثرائتا رستا هموار ڪرڻ گهرجن. هن شاگردن کي آن لائين ڪيريئر جي موقعن مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ جي پڻ صلاح ڏني.  ان موقعي تي ڊجيٽل مارڪيٽنگ ۽ سوشل ميڊيا جي شعبن ۾ وسيع تجربو رکندڙ فري لانس ٽرينر ۽ مينٽر پشمينه رحيم موضوع جي مناسبت سان ليڪچر ڏنو. سيمينار دوران مس پشمينه رحيم آن لائن ڪيريئر جي موقعن، مارڪيٽ ۾ گهربل مهارتن، ذاتي برانڊنگ، فري لانس معيشت، مهارتن کي آمدني ۾ تبديل ڪرڻ ۽ پائيدار آن لائن ڪيريئر شروع ڪرڻ لاءِ عملي منصوبا جوڙڻ بابت مفيد ڄاڻ فراهم ڪئي. هن اهو پڻ سمجهايو ته تعليمي ۽ ٽيڪنيڪل مهارتن کي موجوده ڊجيٽل مارڪيٽ جي گهرجن سان ڪيئن هم آهنگ ڪري سگهجي ٿو ۽ انهن کي پروفيشنل آن لائن سڃاڻپ ۾ ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي ٽي آءِ سي جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر شازيه عباسي مهمان اسپيڪر، ڊين، فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن کي ڀليڪار ڪيو ۽ سيمينار جي مقصدن تي روشني وجهندي چيو ته هن سيمينار جو مقصد مهارتن ۾ اضافو ڪرڻ، ڪاروباري صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ ڊجيٽل روزگار جي قابليت ۽ ڪيريئر لاءِ تياري کي هٿي وٺرائڻ آهي. هن چيو ته TIC جي ڪوشش شاگردن کي نوڪريون ڳولڻ وارو بڻائڻ  بدران نوڪريون پيدا ڪندڙ ۽ ڊجيٽل معيشت مان  وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ بااختيار بڻائڻ آهي. سيمينار جي آخر ۾  ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي جي چيئرمين ڊاڪٽر ذيشان ڀٽي مهمانن ۽ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/23/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران اي ڊي آرٽس، اي ڊي ڪامرس، اي ڊي...
View Details → 09/23/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنال...
View Details → 09/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے اے ڈی آرٹس، اے ڈی کامرس، اے ڈ...
View Details → 09/23/2026