سنڌ يونيورسٽيءَ ۾پري انٽري ٽيسٽ 4 آڪٽوبر تي ٿيندي، وائيس چانسلر جي صدارت ۾ ڪميٽين جي ڪنوينرن جي گڏجاڻي منعقد، ٽيسٽ جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ نئين تعليمي سال 2027ع جي بيچلر ڊگري پروگرام ۾ داخلا لاءِ پهرين مرحلي تحت پري انٽري ٽيسٽ 4 آڪٽوبر آچر تي منعقد ٿيندي، جنهن جي انتظامن لاءِ وائيس چانسلر طرفان مختلف ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن. پري انٽري ٽيسٽ جي انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ صلاح مشورو ڪرڻ لاءِ ڪميٽين جي ڪنوينرن جي هڪ اهم گڏجاڻي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري جي صدارت ۾ سندس آفيس ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو، ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ، ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب احمد چانڊيو سميت مختلف ڪميٽين جي ڪنوينرن جن ۾ ڊاڪٽر محمد عقيل ڀٽو، اجويد احمد ڀٽي، عبدالواحد هيسباڻي، رفيق احمد بروهي، ڊاڪٽر نذير احمد بروهي، انجنيئر تنوير گلفام،ڊاڪٽر انتظار علي لاشاري، ڊاڪٽر اربيلا آغا، ڊاڪٽر مظهر علي عباسي، ڊاڪٽر بارادي ورياڻي،منور راڄڙ، ڊاڪٽر غزاله پنهور ۽ ڊاڪٽر فرحت نورين شامل هئا، شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشن سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ سندس مختلف ڪئمپسز ٺٽو ڪئمپس، لاڙ ڪئمپس بدين، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئپس دادو ۽ سيد الهندو شاهه ڪئمپس نوشهرو فيروز ۾ هن وقت تائين داخلا لاءِ آن لائين پهتل فارمن، ميل ۽ فيميل اميدوارن جي تعداد، فارمن جي هلندڙ ڇنڊڇاڻ، سلپن جي تياري ۽ 4 آڪٽوبر تي ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ جي پهرين مرحلي ۾ شامل ضلعن وغيره بابت وائيس چانسلر کي تفصيلي آگاهي ڏني. جڏهن ته سڀني ڪنوينرن پنهنجي پنهنجي ڪميٽي طرفان هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائين بابت بريفنگ ڏني ۽ گهربل ضرورتن بابت گذارش ڪئي . وائيس چانسلر انٽري ٽيسٽ جي حوالي سان ٿيندڙ انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي، ڪميٽين جي ڪنوينرن جي جذبي، ڪوشش ۽ ڪمٽمينٽ کي ساراهيندي چيو ته اها سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته هر سال هزارين اميدوار اعليٰ تعليم لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي چونڊ ڪندي، ان ۾ داخلا لاءِ اپلاءِ ڪن ٿا. هن چيو ته مختلف نيون يونيورسٽيون کلڻ جي باوجود سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا جي خواهشمند اميدوارن جي تعداد ۾ هر سال وڌيڪ اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪو سندن هن يونيورسٽي تي اعتماد جو ثبوت آهي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ جي مختلف ضلعن مان انٽري ٽيسٽ ڏيڻ لاءِ ايندڙ اميدوار اسان جا مهمان آهن، جن جي صحيح رهنمائي ڪرڻ، کين ٽيسٽ جو بهتر ماحول، صاف ، معياري پاڻي ۽ مڪمل سڪيورٽي ڏيڻ اسان جي ذميوارين ۾ شامل آهي، کيس اميد آهي ته سندس ڪنوينرن جي ٽيم پنهنجون ذميواريون احسن طريقي سان سرانجام ڏيندي ۽ انٽري ٽيسٽ وارا ٻئي مرحلا خيرخوبي سان مڪمل ٿيندا. ان موقعي تي سڀني ڪنوينرن وائيس چانسلر تي پنهنجي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي کيس پنهنجي مڪمل ڀرپور سهڪار جو يقين ڏياريو.