سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ بورڊ جو 162 هون اجلاس وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ منعقد، پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جي 140 کان وڌيڪ اسڪالرن کي ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ايڊوانسڊ اسٽڊيز اينڊ ريسرچ بورڊ جو162 هون اجلاس سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) جي صدارت هيٺ، سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو . اجلاس ۾ پي ايڇ ڊي جي 40 کان وڌيڪ ۽ ايم فل جي 100 کان وڌيڪ اسڪالرن کي ڊگريون ڏيڻ جي منظوري ڏني ويئي. مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري ماڻيندڙ اسڪالرن ۾ عبدالرحيم ڀرڳڙي (اسلامڪ ڪلچر)، سيد غلام شاهه (ڪرمنالاجي)، محمد عيسيٰ ميمڻ ۽ عبدالعزيز چانڊيو (سنڌي)، امداد حسين صديقي ۽ طارق محمود آرائين (بزنس ايڊمنسٽريشن)، زبير احمد ميمڻ، فرزانه ملاح ۽ طاهره ملڪ (ايجوڪيشن)، انور علي چانڊيو، شڪور احمد سولنگي، شاهنواز بلوچ، سسئي ۽ خادم علي گشڪوري (ايناليٽيڪل ڪيمسٽري)، سمير اڪبر علي ميمڻ (مائيڪرو بائلاجي)، سميرا نوناري (فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز)، سنڌو الماس (پبلڪ ايڊمنسٽريشن)، توفيق احمد چنا (سوشالاجي)، نذير احمد سيال (پوليٽيڪل سائنس)، ماريا عيساڻي (ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز)، ارباب علي لغاري ۽ نصرالله (هيلٿ اينڊ فزيڪل ايجوڪيشن) ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته ايم فل جون ڊگريون ماڻيندڙن ۾ انگريزي، سنڌي، اردو، عربي، بزنس ايڊمنسٽريشن، ايجوڪيشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي، اسلامڪ ڪلچر، باٽني، فزيڪل ڪيمسٽري، اِن آرگنيڪ ڪيمسٽري، آرگينڪ ڪيمسٽري، ايناليٽيڪل ڪيمسٽري، ڪمپيوٽر سائنس، ميٿميٽڪس، انوائرمينٽل سائنس، مائيڪرو بائلاجي، زولاجي، فزيالاجي، فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز، جاگرافي، اسٽيٽسٽڪس، فارماڪوگنوسي، فارماسيوٽڪس، فارميسي پريڪٽس، فارماڪالاجي، سائيڪالاجي، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، جينڊر اسٽڊيز، انٽرنيشنل رليشنز، ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز، پوليٽيڪل سائنس، ڪرمنالاجي ۽ پاڪستان اسٽڊيز شعبن جا اسڪالر شامل آهن. اجلاس ۾ پنهنجا ويچار ونڊيندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جون ڊگريون ماڻيندڙ اسڪالرن، انهن جي سپروائيزرن ۽ شعبن جي سربراهن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ڪنهن به قوم جي ترقي ۾ معياري تعليم ۽ تحقيق جو بنيادي ڪردار آهي، جديد ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ قابليت ذريعي ئي پاڻ کي مڃرائي سگهجي ٿو. قابل اسڪالرن لاءِ پوري دنيا جا دروازا کليل آهن ۽ انهن لاءِ ڪيريئر جا لاتعداد موقعا موجود آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ڊگري جي وڏي اهميت آهي، هن يونيورسٽي جا ڊگري هولڊر پنهنجي ملڪ سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انتهائي اهم عهدن تي پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلا وٺندڙن ۽ وقت سر پنهنجي تحقيق مڪمل ڪندڙن جي تعداد ۾ ٿيندڙ اضافو نهايت ئي خوشي جي ڳالهه آهي، کيس يقين آهي ته مختلف موضوعن تي تحقيق ڪري ڊگري ماڻيندڙ هي اسڪالر ملڪ جي ترقي ۽ نيڪ نامي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي معياري تعليم ۽ تحقيق جا موقعا مهيا ڪرڻ سان گڏ وقت سر ڊگريون پڻ ايوارڊ ڪري ٿي ته جيئن اسڪالر پنهنجي ڊگري مان وقتائتو فائدو حاصل ڪري سگهن. اجلاس ۾ ڊائريڪٽر ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز ڊاڪٽر صائمه قيوم ميمڻ، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي، ڊين فئڪلٽي آف سوشل سائنسز ڊاڪٽر نانڪ رام، ڊين اسلامڪ ڪلچر ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان، ڊين فئڪلٽي آف آرٽس ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊين فئڪلٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊين فيڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو، ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، ڊين فيڪلٽي آف لا ڊاڪٽر سردار علي شاهه، ڊين فئڪلٽي آف فارميسي ڊاڪٽر محمد علي گهوٽو، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، سوشالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر احمد علي بروهي، سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊاڪٽر نظام الدين چنه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.