امن، رواداري ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ آرٽ ۽ موسيقي جو اهم ڪردار آهي، سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد باصلاحيت آهن: ڊاڪٽر فتح محمد مري

 سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر  پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي ثقافتي سڃاڻپ ، تخليقي صلاحيتن جي عڪاسي ۽  فڪري اوسر   ۾ آرٽ ۽ موسيقي جو اهم ڪردار آهي ، جن ذريعي امن جو پيغام عام ڪري ۽ شدت پسندي جي اثرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ يونيورسٽي جي ميوزڪ سوسائٽي طرفان منعقد ڪيل ٻه روزه ميوزڪ ٽرائلز جي تقريب ۾ خصوصي مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. آرٽ فئڪلٽي جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل هن پروگرام کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته  موسيقي روح جي غذا آهي، جنهن ذريعي نه رڳو تفريح فراهم ٿئي ٿي پر تعليمي ادارن اندر اهڙين سرگرمين سان نوجوانن ۾ تخليقي سوچ ۽ اعتماد ۾ به اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته ميوزڪ سوسائٽي طرفان هي ٽرائلز وٺڻ جو مقصد شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪرڻ ۽ سندن خود اعتمادي وڌائڻ سان گڏ اهڙي سليڪٽيڊ ٽيم تيار ڪرڻ آهي، جيڪا يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ پنهنجو فن پيش ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ جي شاندار ثقافتي ورثي، لوڪ موسيقي ۽ فنون لطيفه کي سنڀالڻ ۽ پروموٽ ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. هن ٽرائلز ۾ حصو وٺندڙ شاگردن جي صلاحيتن کي داد ڏيندي چيو ته هن قسم جون سرگرميون معاشري ۾ امن، رواداري ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. وائيس چانسلر ميوزڪ سوسائٽي جي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هن قسم جا پروگرام يونيورسٽي ۾ صحتمند سرگرمين کي هٿي ڏيندا. ان موقعي تي ميوزڪ سوسائٽي جي ڪنوينر ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ وائيس چانسلر جي شرڪت، تعاون ۽ همت افزائي جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٻن ڏينهن واري هن ٽرائلز جو مقصد ميوزڪ ٽيلنٽ کي موقعو فراهم ڪرڻ آهي. هن ٻڌايو ته هن ٽرائلز ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن سميت ڊاڪٽر پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد جي  شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجون صلاحيتون پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو آهي. هن ڊائريڪٽر اسٽيگس  ۽ ميوزڪ ڪميٽي جي ميمبرن جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل ٽيم ورڪ ذريعي آرٽ ۽ موسيقي جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون جاري رکيون وينديون. پهرين ڏينهن جي ميوزڪ ٽرائلز جي تقريب ۾ شاگردن امجد علي، دولت راءِ، پريسا بتول، نور فاطمه چانڊيو،ام فروا، بينظير درس، صدف دعا، اقصيٰ پيرزادو، ثانيه حيدر، ثوبيه ڀرٽ ، ڪميل ڏاهري،ماهين ۽ ٻين نهايت ئي خوبصورت انداز ۾ گيت پيش ڪري پنهنجي صلاحيتن جو  اظهار ڪيو. هن تقريب ۾ فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، ڊائريڪٽر اسٽيگس اجويد احمد ڀٽي، ميوزڪ ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر سعيد احمد منگي، ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري، انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين جي استاد نعمت الله خلجي، نامياري راڳي استاد امير علي خان سميت شاگردن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/01/2026
Announcements
1024 x 768
امن، رواداری اور ثقافتی ہم آہنگی کو فروغ دینے میں ...
View Details → 10/01/2026
1024 x 768
Art and music play a vital role in promoting peace, tolerance and cultural harmony, says D...
View Details → 10/01/2026
1024 x 768
امن، رواداري ۽ ثقافتي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۾ آرٽ ۽ م...
View Details → 10/01/2026