سنڌ يونيورسٽي ۾ نامياري ليکڪه پروفيسر خير النساء جعفري جي ياد ۾ تقريب منعقد، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري صدارت ڪئي
سنڌ يونيورسٽي ۾ نامياري ڪهاڻيڪاره، نقاد، سفرنامانويس ۽ نفسيات شعبي جي اڳوڻي چيئرپرسن پروفيسر خيرالنساء جعفري جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان ناميارو ليکڪ جامي چانڊيو هو. سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي طرفان بيورو آف اسٽيگس جي سهڪار سان، آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل هن تقريب جي اعزازي مهمانن ۾ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي جي استاد ۽ پروفيسر خيرالنساء جعفري جي نياڻي ڊاڪٽر صائمه جعفري، مرزا قليچ بيگ چيئر جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ نامياري ليکڪه گلبدن جاويد مرزا شامل هئا. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته پروفيسر خيرالنساء جعفري نرالي شخصيت جي مالڪ هئي، اها ساڳي انفراديت سندس لکڻين ۾ به نظر اچي ٿي. هڪ استاد جي حيثيت ۾ نفسيات شعبي ۾ سندس سرانجام ڏنل شاندار خدمتون ٻين استادن لاءِ هڪ مثال جيان آهن. هن چيو ته آپا سان مختلف پروگرامن ۾ ڪافي ملاقاتون ٿيون ۽ کيس سامهون ٻڌڻ جو موقعو مليو، هوءَ جهڙي بردباري سان لکندي هئي، اهڙي ئي بردباري سان ڳالهائيندي به هئي. عورتون سندس تحريرن ۽ تقريرن جو مکيه مرڪز هونديون هيون، هن انهن کي نه رڳو مظبوط ۽ بااختيار ڏسڻ چاهيو پر ان لاءِ عملي جستجو به ڪئي. وائيس چانسلر حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ ٿيل هڪ ادبي تقريب جو ذڪر ڪندي چيو ته ان تقريب جي صدارت آپا جعفري ڪري رهي هئي، جنهن پنهنجي تقرير جي شروعات ئي انهن لفظن سان ڪئي هئي ته عورت مظبوط آهي، ان کي ڪمزور سمجهندڙ پاڻ ڪمزور آهن. وائيس چانسلر چيو ته اهڙيون شخصيتون اسان جي ادب ۽ اسان جي سماج لاءِ هڪ رول ماڊل جيان آهن، جن مان اتساهه وٺڻ جي ضرورت آهي ۽ سندن ڪيل ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي گهرج آهي. وائيس چانسلر ان موقعي تي شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته اهي پابندي سان پنهنجا ڪلاس وٺن ۽ محنت ذريعي پنهنجي منزل ماڻين، هڪ استاد جي حيثيت ۾ آپا خيرانساء جو به اهو ئي مشن ۽ اهو ئي خواب هو. هن چيو ته اٽينڊنس واري معاملي تي ڪنهن به قسم جي رعايت جي گنجائش موجود ناهي، فيس رهيل شاگردن کي ته امتحان ۾ ويهڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو پر گهٽ اٽينڊنس وارن کي امتحان ۾ ويهڻ جو موقعو نه ڏنو ويندو. هن چيو ته يونيورسٽي جو سمورو سسٽم آن لائين ٿي چڪو آهي، استاد پنهنجي شعبي جي شاگردن جي روز جي بنياد تي اٽينڊنس اپلوڊ ڪن ٿا ۽ جن جي اٽينڊنس گهٽ آهي انهن جي والدين کي ميسيج ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. وائيس چانسلر بهترين پروگرام منعقد ڪرڻ تي سنڌي ادبي سنگت ۽ بيورو اسٽيگس جي ٽيم جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو.ان موقعي تي خطاب ڪندي جامي چانڊيي چيو ته آپا خير النساء، آپا خيرو ۽ گڏي سندس شخصيت جي سڃاڻپ جا حوالا آهن، هوءَ زندهه دل هئي ۽ جيئن محسوس ڪندي هئي ائين ئي لکندي هئي. هن چيو ته آپا خيرو طبيعت ۾ بلڪل ئي سادي ۽ انتهائي حساس هئي، شعوري طور هن ڪنهن انسان ته ڇا پر ڪنهن جانور کي به نه ڏکويو. ماني پچائڻ وقت هوءَ گهر ڀاتين سان گڏ جانورن لاءِ به ماني پچائيندي هئي، جيڪي سندس در جي چانئٺ تي انتظار ۾ ويٺل هوندا هئا. هن چيو ته آپا شاهڪار ڪهاڻيون لکيل آهن، جن جي ٻولي، لاڙي لهجو، عڪس بندي شاندار آهي. هن جي نثر ۾ طنز سان گڏ مزاح جو عنصر به موجود آهي. جامي سندس مشهور ڪهاڻي ”تخليق جو موت“ جو مثال ڏيندي چيو ته هي سندس پنهنجي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ نه صرف سندس مامي جو دلچسپ ڪردار شامل آهي پر سندس ماءُ ۽ هن جو پنهنجو ڪردار به شامل آهي. اها ڪهاڻي پڙهندي جتي چپن تي مرڪ تري اچي ٿي اتي اکيون آليون به ٿي وڃن ٿيون.ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر صائمه جعفري پنهنجي امڙ جون خوبصورت ساروڻيون ساريون ۽ کيس آئيڊيل ماءُ قرار ڏنو. تقريب ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ گلبدن جاويد مرزا پروفيسر خيرالنساء جعفري کي بهترين ڪهاڻيڪاره ۽ بهترين شخصيت جو مالڪ چوندي، سندس لکڻين کي سنڌي ادب جو وڏو سرمايو قرار ڏنو. ان کان اڳ سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي جي سيڪريٽري حسن مجتبيٰ پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ سڀني شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ پروگرام جي مقصدن تي روشني وڌي. هن تقريب جي ڪمپيئرنگ منٺار مڱريو ڪئي. تقريب ۾ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام، ڊائريڪٽر اسٽيگس اجويد احمد ڀٽي، ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي، ڊاڪٽر حميرا هڪڙو، ڊاڪٽر نويده ڪٽپر، لياقت رضوي، فهيم نوناري، ڊاڪٽر عرفان شيخ، رابيلا ابڙو سميت شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.