سنڌ يونيورسٽي ۾ “سماجي نظر کان اڳتي” جي موضوع تي فورم منعقد، وائيس چانسلر ۽ ڪمشنر حيدرآباد افتتاح ڪيو
سنڌ يونيورسٽي جي سوشالاجي شعبي طرفان سماجي نظر کان اڳتي جي موضوع تي فورم منعقد ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ۽ ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي گڏجي ڪيو. يونيورسٽي جي آرٽس فئڪلٽي جي لان تي يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي شاگردن طرفان تعليم، صحت، غربت، بيروزگاري، سماجي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي تحقيقي پروجيڪٽس جا ڪارنر ۽ مختلف سماجي تنظيمن طرفان ثقافتي شين، هٿ جي هنرن، ڪتابن وغيره جا ڪارنر قائم ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 1122 ريسڪيو طرفان پڻ ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ لاءِ آگاهي اسٽال قائم ڪيو ويو هو. وائيس چانسلر ۽ ڪمشنر گڏجي ڪارنرن ۽ اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ شاگردن توڙي سماجي تنظيمن کان پريزنٽيشن ورتي. فورم ۾ شاگردن کي انٽرنشپ ۽ روزگار ڏيندڙ سماجي ۽ صنعتي ادارن جي نمائندن سان ملاقات ڪرڻ، انٽرويو ڏيڻ ۽ پنهنجي سي وي جمع ڪرائڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪيو ويو هو. جڏهن ته ان موقعي تي مختلف ڊسڪشن سيشنز جو پڻ انعقاد ڪيو ويو هو، جن ۾ مختلف شعبن جي ماهر نامور شخصيتن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن جي سوالن جا جواب ڏنا. سوشالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر احمد علي بروهي جي سرواڻي هيٺ آرگنائيزنگ ٽيم ۾ ڊاڪٽر امير علي ابڙو، ڊاڪٽر غزاله پنهور، ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو، ڊاڪٽر شبانه تنيو، ڊاڪٽر اعجاز احمد وساڻ، عديل خان بروهي شامل هئا. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري چيو ته هن قسم جا پروگرام شاگردن جي خوداعتمادي وڌائڻ سان گڏ کين پنهنجي قابليت کي پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته شاگردن طرفان سماج سان لاڳاپيل انتهائي اهم مسئلن ۽ موضوعن تي تيار ڪيل پوسٽر پروجيڪٽس کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، نوجوانن طرفان ڪيل هي تحقيق سماجي مسئلن جي سببن کي سمجهڻ، انهن جو حل ڪڍڻ ۽ ترقي جي حوالي سان ڪافي مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته هر قسم جو سماجي مسئلو تعليمي شعور ۾ اضافي ۽ ان جي ڦهلاءُ سان حل ڪري سگهجي ٿو ۽ يونيورسٽين جا شاگرد ان حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته يونيورسٽين جو ڪم رڳو ڊگريون ڏيڻ نه پر شاگردن ۾ شعور پيدا ڪري سماج کي فائدو ڏيڻ به آهي.هن سوشالاجي شعبي جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي ڪامياب فورم منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي فورم شاگردن جي ڄاڻ ۽ صلاحيتن ۾ اضافو ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽي ۽ مختلف سماجي ادارن ۽ انڊسٽريز وچ ۾ رابطاڪاري ۽ سهڪار کي به مظبوط ڪندو. هن چيو ته اڄوڪي پروگرام ۾ مختلف سماجي تنظيمن ۽ انڊسٽريز جي نمائندن سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي قابليت ۽ صلاحيتن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو آهي، کين شاگردن جي قابليت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن. ان موقعي تي پنهنجا ويچار ونڊيندي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي وائيس چانسلر ۽ سندس ٽيم کي مبارڪباد ڏيندي شاگردن جي صلاحيتن جي واکاڻ ڪندي چيو ته شاگردن جا تحقيقي پروجيڪٽس شاندار آهن. هن چيو ته اڄوڪي پروگرام ۾ جهڙي طرح سماجي تنظيمن ۽ مختلف ادارن کي شامل ڪيو ويو آهي، ان کي ڏسي کيس اميد آهي ته هي پروگرام شاگردن کي پنهنجي ڪيريئر جي حوالي سان ڀرپور موقعا ۽ مدد فراهم ڪندو. هن پروگرام ۾ شاگردن ۽ سماجي تنظيمن وچ ۾ جيڪو رابطو جڙيو آهي اهو شاگردن کي پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ڪيريئر جي حوالي سان فائدو ڏيندو. ان موقعي تي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ پئنل ڊسڪشن پڻ منعقد ٿيو جنهن ۾ مختلف سماجي تنظيمن، ادارن ۽ انڊسٽريز سان واسطو رکندڙ نامور شخصيتن نور محمد بجير، منصور احمد، ڊاڪٽر سورٺ مهر، آصف علي، عابد حسين لاشاري، ڊاڪٽر امتياز احمد پيرزادو، شڪيل منور ابڙو ۽ ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا. فورم دوران يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ تحقيق ۽ سماج جي حقيقي ضرورتن وچ ۾ رابطن کي مظبوط ڪرڻ، تحقيق جي نتيجن کي ترقياتي منصوبن ۾ ڪتب آڻڻ ۽ تعليمي ادارن، صنعتن توڙي سماجي تنظيمن وچ ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.فورم ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته جلد يونيورسٽي اٿارٽي ۽ سماجي تنظيمن ۽ انڊسٽيز وچ ۾ ملاقات جو انعقاد ڪري اهو لائحه عمل جوڙيو ويندو ته رابطاڪاري کي ڪيئن مظبوط ڪجي ته جيئن يونيورسٽي جا ساگرد ان مان وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪري سگهن.