سنڌ يونيورسٽي ۾ فزيڪل ٿراپي فيسٽيول منعقد، وائيس چانسلر صدارت ڪئي، ڪمشنر حيدرآباد طرفان خاص مهمان طور شرڪت

سنڌ يونيورسٽي فزيالاجي شعبي طرفان فزيڪل ٿراپي فيسٽيول 2026 ع منعقد ڪيو ويو. جنهن جو مقصد شعبي جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيل هن فيسٽيول جي صدارت سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغه امتياز) ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان حيدرآباد جو ڪمشنر  فياض حسين عباسي هو. ان موقعي تي شعبي جي استادن طرفان سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتج محمد مري کي ملڪ جو وڏو قومي اعزاز تمغه امتياز ملڻ جي خوشي ۾ ڪيڪ ڪٽڻ جي سرپرائزنگ سيليبريشن تقريب پڻ رکي وئي هئي، جنهن ۾ وائيس چانسلر  فئڪلٽي ميمبرن سان گڏجي ڪيڪ ڪٽيو . ان موقعي تي فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا ۽ فزيالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري طرفان وائيس چانسلر کي يادگار شيلڊ، گلدستو ۽ لنگي جو تحفو پيش ڪيو ويو.  تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر شعبي جي چيئرمين ۽ فئڪلٽي ميمبرن جي خلوص جي مهرباني مڃيندي چيو ته هي اعزاز کيس سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي حيثيت ۾ مليو آهي، جيڪو يونيورسٽي لاءِ اعزاز آهي. وائيس چانسلر چيو ته  فزيڪل ٿراپي  جي صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻي اهميت آهي، پوري دنيا ۾ ٿراپي جي مدد سان جسماني حرڪت جي صلاحيت کي بحال ڪرڻ، متاثر ماڻهن جي تڪليف ختم ڪري کين زندگي جي معمول ڏانهن موٽائڻ وارو علاج مقبول ٿي رهيو آهي ۽ ان جا موثر نتيجا ملي رهيا آهن. هن چيو ته فزيالاجي شعبي جي شاگردن لاءِ ڪامياب ڪيريئر جا شاندار موقعا موجود آهن، هن شعبي سان لاڳاپيل شاگردن لاءِ ضروري آهي ته اهي جديد علمي مهارتن ۽ تحقيق  تي خاص ڌيان ڏيندي سخت محنت ذريعي پاڻ کي مڃرائين. هن چيو اڄوڪي پروگرام ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ٽئلنٽ ڏسي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هنن مختلف آئٽمز ۾ بهترين نموني پرفارم ڪيو آهي. هن چيو ته هن قسم جي فيسٽيولز جي انعقاد سان شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ، پنهنجا خيال پيش ڪرڻ ۽ ڄاڻ وڌائڻ جا بهترين موقعا ملن ٿا. هن بهترين پروگرام ڪرائڻ تي شعبي جي چيئرمين ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي چيو ته هن شعبي جا شاگرد تمام گهڻا ٽئلنٽيڊ آهن، هنن جي پرفامنس حقيقت نگاري جي ويجهو هئي. هن چيو ته وائيس چانسلر ڊاڪٽر مري نهايت قابل تعليمدان، اسڪالر ۽ منتظم آهي کيس تمغه امتياز ملڻ وڏي خوشي ۽ فخر جي ڳالهه آهي، اڄ شعبي جي استادن طرفان جهڙي طرح ان خوشي کي سيليبريٽ ڪيو ويو آهي، اها بهترين روايت آهي. اسان کي پنهنجي قابل ماڻهن کي ائين ئي مان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته فزيڪل ٿراپي بهتر علاج سان گڏ خدمت جو نالو پڻ آهي، ڪنهن ماڻهو کي ڪجهه مهينن جي ٿراپي سان پنهنجي پيرن تي بيهاري، زندگي جي خوشين ڏانهن موٽائڻ  وڏي خدمت آهي، ان جي بدلي ۾ ان جي ڪٽنب کي ملندڙ خوشي ۽ دل مان نڪرندڙ دعائن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل آهي . هن شاگردن تي زور ڀريو ته اهي هن شعبي مان ڀرپور علم پرائي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ۽ پنهنجي والدين جا خواب پورا ڪن. ان موقعي تي نيچرل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا موضوع جي مناسبت سان پنهنجا ويچار ونڊيا ۽ معزز مهمانن جي شرڪت جي مهرباني مڃي.پروگرام جي شروعات ۾ فزيالاجي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري پنهنجي آجيان واري خطاب ۾ معزز مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ فيسٽيول جي مقصدن تي روشني وڌي، هن فيسٽيول ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان فزيڪل ٿراپي جي موضوع سميت ثقافتي آئٽمز پيش ڪيا.

 

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 10/29/2026
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ “سماجي نظر کان اڳتي” جي موضوع تي ...
View Details → 10/29/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ فزيڪل ٿراپي فيسٽيول منعقد، وائيس ...
View Details → 10/29/2026
1024 x 768
سندھ یونیورسٹی میں ’’سماجی نظر سے آگے‘‘ کے موضو...
View Details → 10/29/2026