سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسپورٽس فيسٽيول 2026ع سڀاڻي کان شروع ٿيندو، سموريون تياريون مڪمل، وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري افتتاح ڪندو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انٽر ڊپارٽمينٽ اسپورٽس فيسٽيول 2026ع سڀاڻي 11 نومبر کان شروع ٿيندو، جنهن جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. فيسٽيول جي افتتاحي تقريب سڀاڻي صبح 9 وڳي حيدر بخش جتوئي پيويلين ۾ منعقد ٿيندي، جنهن جو خاص مهمان سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري (تمغۂ امتياز) هوندو، جيڪو فيسٽيول جو افتتاح ڪندو.
28 نومبر تائين جاري رهندڙ هن فيسٽيول ۾ يونيورسٽيءَ جي مختلف شعبن جي بوائز ۽ گرلز ٽيمن وچ ۾ ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، والي بال، فٽبال، باسڪيٽ بال، رسا ڪشي، شطرنج، ايٿليٽڪس سميت مختلف راندين جا مقابلا ٿيندا، جڏهن ته کٽيندڙ ٽيمن کي اختتامي تقريب ۾ ٽرافين، شيلڊن ۽ سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويندو.
ٽن هفتن تائين جاري رهندڙ هن اسپورٽس فيسٽيول جو مقصد راندين ذريعي شاگردن ۾ گڏيل سهڪار، ٽيم ورڪ، خود اعتمادي، قيادت جون صلاحيتون ۽ هاڪاري سرگرميون وڌائڻ سان گڏ صحتمند ۽ تعميري ماحول کي هٿي وٺرائڻ آهي