سنڌ يونيورسٽي ۾ روڊ سيفٽي بابت سيمينار منعقد، موٽر وي پوليس جي آفيسرن پاران ٽريفڪ ضابطن ۽ حادثن کان بچاءَ بابت آگاهي ڏني وئي
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي پاڪستان اسٽڊي سينٽر پاران روڊ سيفٽي بابت هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جو مقصد فيڪلٽي ميمبرن، ملازمن ۽ شاگردن ۾ ٽريفڪ جي قانونن، محفوظ ڊرائيونگ جي طريقن ۽ روڊ حادثن کان بچاءَ جي قدمن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ هو. ان موقعي تي آجيان وارو خطاب ڪندي پاڪستان اسٽڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شجاع احمد مهيسر موٽر وي پوليس جي آفيسرن کي ڀليڪار چيو ۽ روڊ سيفٽي بابت شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ سندن ڪوششن کي ساراهيو. هن سفر دوران پنهنجي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي خاص طور تي يونيورسٽي اچڻ ۽ وڃڻ دوران احتياطي اپائن جي ضرورت تي روشني وڌي. هن روڊ حادثن جي خطرن کي گهٽائڻ جي طريقن تي ڳالهائيندي چيو ته حفاظتي ضابطن ۽ قانونن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ سان حادثن کان بچي سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حفاظتي اپاءَ اختيار ڪيا وڃن ته پنهنجي ۽ ٻين جي جان کي لاحق خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. ٽريفڪ جا ضابطا روڊ حادثن ۾ گهٽتائي آڻڻ سان گڏ سفر دوران پيش ايندڙ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿين ٿا. ان موقعي تي موٽر وي پوليس جي سينيئر آفيسرن، جن ۾ ايس پي ظهيرالدين بابر، ڊي ايس پي هوش محمد ۽ ايس آءِ مس امبرين وقاص شامل هئا، روڊ سيفٽي جي مختلف پهلوئن تي ڄاڻ ڏيندڙ تقريرون ڪيون. سندن پريزنٽيشنز ۾ گاڏي هلائڻ کان اڳ ڪاڪ پٽ ڊرل، روڊ بابت معلومات، حادثن جو تجزيو، سيٽ بيلٽ پائڻ جي اهميت، تيز رفتاري جا خطرا جهڙا اهم موضوع شامل هئا. مقررن ڊرائيونگ دوران احتياطي اپائن اختيار ڪرڻ جي اهميت اجاگر ڪندي چيو ته لاپرواهي، حد کان وڌيڪ رفتار، ٿڪاوٽ ۽ ٽريفڪ ضابطن تي عمل نه ڪرڻ سنگين روڊ حادثن جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هنن ڊرائيورن تي زور ڏنو ته هو ڊرائيونگ دوران خبردار رهن، ٽريفڪ جي نشانين تي عمل ڪن، گاڏين وچ ۾ محفوظ فاصلو برقرار رکن ۽ زخمين توڙي جاني نقصان جي خطرن کي گهٽائڻ لاءِ سيٽ بيلٽ جو استعمال يقيني بڻائين. سيمينار ۾ فيڪلٽي ميمبرن، ملازمن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ موٽر وي پوليس جي آفيسرن جي معلوماتي پريزنٽيشنز توڙي سوال جواب واري نشست مان فائدو حاصل ڪيو.
- -