سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشن پاران نامڪمل آن لائن درخواستون جمع ڪرايل اميدوارن لاءِ آخري موقعو،

سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشن پاران نامڪمل آن لائن درخواستون جمع ڪرايل اميدوارن لاءِ آخري موقعو، اميدوارن کي 24 ڪلاڪن اندر پنھنجا پسنديده شعبا اي پورٽل ذريعي آن لائن جمع ڪرائڻ جي صلاح: اي پورٽل کوليا ويا، ڌيان نه ڌريندڙ 4 هزار اميدوار داخلائن کان رهجي سگهن ٿا، گهربل معلومات ترت فراهم ڪئي وڃي؛ ڊائريڪٽر ايڊميشنز غلام محمد ڀٽو

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز غلام محمد ڀٽو سنڌ يونيورسٽي ۾ تعليمي سال 2021ع لاءِ بيچلز ڊگري پروگرام ۾ داخلائن لاءِ آن لائن نامڪمل درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوارن کي آخري ڀيرو صلاح ڏني آهي ته هو ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر پنھنجي اي پورٽل تي وڃي پنهنجن پسنديده شعبن بابت ڄاڻ فراهم ڪن، ٻي صورت ۾ هو داخلائن کان رهجي ويندا، جنهن جو ذميوار به هو پاڻ ئي هوندا. پنهنجي جاري بيان ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز ٻڌايو ته بيچلز ڊگري پروگرام جي مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ تقريبن 4 هزار اميدوارن نامڪمل درخواستون جمع ڪرايون، جن ۾ شعبن بابت چوائيسز يا پسنديده شعبا ڏنل نه آهن، اهڙا اميدوار داخلائن کان رهجي ويندا. هن چيو ته اهي 4 هزار اميدوار اهڙا آهن، جن نامڪمل فارم جمع ڪرايا پر فارم جي فيس وقت سر جمع ڪرائي، تنهن ڪري ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز سندن اي پورٽل کوليا ڇڏيا آھن ۽ ھو اي پورٽل ذريعي پنهنجن پسنديده شعبا لکي ٻيھر آن لائن جمع ڪرائين. ھن چيو ته ان سلسلي ۾ اميدوارن کي اي ميلز ذريعي به چوائسز جي فراهمي جو چيو ويو، جنهن جو هنن اڃا تائين جواب ناهي ڏنو، جڏهن ته داخلائن جو مرحلو شروع ٿي رهيو آهي. هن چيو ته جن اميدوارن آن لائن فارمن ۾ داخلائن بابت چوائيسز نه لکيا پر چالان وقت سر جمع ڪرايو هو، صرف انهن کي آخري ڀيرو اطلاع ڏجي ٿو ته هو 24 ڪلاڪن اندر پنھنجي اي پورٽل تي لاگ ان ڪري اهڙي معلومات مهيا ڪن ته جيئن سندن نالا داخلائن واري فهرست ۾ شامل ڪري سگهجي.