جي يوم پيدائش جي مناسبت سان ڪرڪيٽ سيريز جو اهتمام، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ پوليس جون ٽيمون آمهون سامهون

قائداعظم جي يوم پيدائش جي مناسبت سان ڪرڪيٽ سيريز جو اهتمام، سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ پوليس جون ٽيمون آمهون سامهون، دلچسپ مقابلي بعد ٻن ميچن واري سيريز سنڌ پوليس کٽي ورتي: وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت 16 رنسن سان نمايان رهيو، فاتح ٽيم پاران ڪپتان ڪامران احمد ٽرافي وصول ڪئي

 ڄامشورو(پ ر) سنڌ يونيورسٽي ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي پيدائش واري ڏھاڙي جي مناسبت سان سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌ پوليس وچ ۾ ٻن ميچن جي سيريز کيڏي وئي، دلچسپ مقابلي بعد سنڌ پوليس سنڌ يونيورسٽي جي ٽيم کي شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت به ٻئي ميچون کيڏيون ۽ ٽاپ اسڪورر رهيو. ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش جي مناسبت سان سنڌ يونيورسٽي جي پي سي بي گرائونڊ ۾ قائد اعظم ڪرڪيٽ سيريز جو اهتمام ڪيو ويو، پھرين ميچ ۾ سنڌ پوليس جي ڪپتان ڪامران احمد ٽاس کٽي پھريان کيڏندي مقرر 10 اوورن ۾ 87 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ٽيم 72 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. اھڙيءَ طرح سنڌ پوليس ڄامشورو پھرين ميچ 15 رنسن تان پنھنجي نالي ڪئي. ٻي ميچ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪپتان زبير چاچڙ ٽاس کٽي پھرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، جيڪو درست ثابت نه ٿيو، سڄي ٽيم مقرر 10 رنسن ۾ 81 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت 16 رنسون ٺاھي نمايان رھيو. جواب ۾ سنڌ پوليس 4 وڪيٽن جي نقصان تي 82 رنسن جو هدف پورو ڪري سيريز کٽي ورتي. سيريز جي پڄاڻي جي موقعي تي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر برفت فاتح ٽيم جي ڪپتان ڪامران احمد کي ٽرافي ڏني، جڏھن ته رنر اپ ٽرافي سنڌ يونيورسٽي ٽيم جي ڪپتان زبير احمد حوالي ڪئي. تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس جو پرو وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ، فارميسي فئڪلٽي جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله دايو، سينٽر آف ايڪسيلنس ان اناليٽيڪل ڪيمسٽري جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شھاب الدين ميمڻ، ڊائريڪٽر اسٽيٽ رفيق علي بروھي، ڊائريڪٽر اسپورٽس اجويد احمد ڀٽي، ڊائريڪٽر پرچيز اينڊ پروڪيوئرمينٽ ڊاڪٽر ڪامران بروھي، ڊاڪٽر الاھي بخش گوپانگ، ڊي ايس پي ڄامشورو عنايت قريشي، پروفيسر مرتضيٰ کوسو ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت چيو ته سنڌ يونيورسٽي باني پاڪستان حضرت قائداعظم محمد علي جناح جي يوم پيدائش کي ھر سال ڀرپور نموني ملهائيندي آهي ۽ ھن سال ڪرونا وائرس جي خطرن باوجود اھم پروگرام ترتيب ڏنا ويا آھن ته جيئن ملڪ جي خالق جي سالگرهه ڀرپور نموني ملهائي سگهجي. ھن چيو ته اڄ ڪراچي کان ڪشمير تائين ملڪ جي باني جي سالگرھ جون تقريبون ٿي رھيون آھن، جنھن ۾ سنڌ يونيورسٽي پڻ پيش پيش آھي. هن چيو ته ايمان، اتحاد، نظم ضبط پاڪستاني قوم جا هميشه بنيادي اصول رهيا آهن، جنهن سبب پاڪستان اڳتي وڌي رهيو آهي. هن چيو ته قائداعظم جي اعتماد، جريت ۽ اميد واري پيغام تي عمل پيرا ٿيڻ سبب پاڪستان هميشه صحيح سلامت رهندو. بعد ۾ پاڪستان اسٽيڊي سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شجاع احمد مھيسر ھڪ ويبينار جو اھتمام ڪيو، جنھن ۾ قائداعظم جي ڪوششن، حوصلي ۽ زندگي تي روشني وڌي وئي. ويبينار جي صدارت وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪئي. ھوڏانھن قائداعظم جي يوم پيدائش جي سلسلي ۾ ٻوٽا پوکڻ جي تقريب به رکي وئي، وائيس چانسيلر ڊاڪٽر برفت فارين فيڪلٽي ھاسٽل جي گرائونڊ ۾ ٻوٽو پوکيو، ان موقعي تي ميزبان مرتضي کوسو ۽ ٻين پڻ ٻوٽا پوکيا، جنھن بعد دعا پڻ گھري وئي.