يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي لاڏاڻي تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار، وارثن سان تعزيت

سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پاران اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي لاڏاڻي تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار، وارثن سان تعزيت

ڄامشورو (پ ر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جي لاڏاڻي تي گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪندي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر برفت چيو ته مرحوم اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي کي تعليم ۽ تحقيق جو مرڪز بڻايو ۽ ڪيترن ئي سنڌي نوجوانن کي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائي وڏو ڪم ڪيو. ھن چيو ته  ڊاڪٽر ڄامڙو ڪراچي ۾ رھي به سنڌي ماڻھن جي خدمت ڪئي ۽ ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ ڪتاب لکيا.  ڊاڪٽر برفت چيو ته ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آھي، ھن  ايمانداري ۽ سچائيءَ جي بنياد تي  تعليم ۽ تحقيق جو ڪم جاري رکيو ۽ ھميشه متحرڪ رھيو.  ھن چيو ته ڪمال ڄامڙو ھڪ وڏو محقق ھو ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس وڏيون خدمتون آھن، جن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. وائيس چانسيلر  ڊاڪٽر برفت مرحوم جي بلند درجن لاءِ ڌڻيءَ در دعا پڻ ڪئي ۽ پونيئرن سان ڏک جو اظھار پڻ ڪيو.

Author: Director ITSC 12/16/2020
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ جو 211هون اجلاس، گذريل...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی سینڈیکیٹ کا 211واں اجلاس، گزشتہ مالی ...
View Details → 01/01/2026
1024 x 768
SU Syndicate reviews finances, approves previous budget, allows new academic initiatives
View Details → 01/01/2026