سنڌ يونيورسٽي طرفان بي ڪام پاس حصو ٻيو، بي اي حصو پهريون ۽ ايم اي (پريويس) سالياني امتحان 2019ع جي نتيجن جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران بي ڪام (پاس) حصو ٻيون، بي اي (پاس) حصو پهريون ۽ ايم اي (پريويس) سالياني امتحان 2019ع جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. سنڌ يونيورسٽي جي سالياني امتحانن واري ڪنٽرولر پروفيسر ڊاڪٽر سراج الحق ڪانڌڙو پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب بي ڪام (پاس) حصو ٻيون جي سالياني امتحان 2019ع ۾ مجموعي طور 5587 اميدوارن حصو ورتو، جن مان ڪل 3551 اميدوار ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. اهڙيءَ طرح 1171 اميدوار فيل ٿيا ۽ 181 اميدوار غير حاضر رهيا. بي ڪام ۾ مجموعي ڪاميابيءَ جي شرح 63.55 سيڪڙو رهي. هوڏانهن بي اي (پاس) حصو پهريون سالياني امتحان 2019ع ۾ مجموعي طور 14188 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 9780 پاس ۽ 3314 فيل قرار ڏنا ويا آهن. امتحان ۾ 460 اميدوار غير حاضر پڻ رهيا. ڪاميابيءَ جي مجموعي شرح 68.93 سيڪڙو رهي. ٻئي طرف ايم اي (پريويس) سالياني امتحان 2019ع ۾ مجموعي طور 6840 اميدوار ويٺا، جن مان 4937 اميدوارن کي ڪامياب ۽ 1311 کي ناڪام قرار ڏنو ويو آهي. ڪنٽرولر موجب امتحان ۾ 198 اميدوار غير حاضر پڻ رهيا، جڏهن ته مجموعي ڪاميابيءَ جو تناسب 72.17 رهيو.