سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪامرس جي ٻن اسڪالرن جا فائنل پي ايڇ ڊي سيمينار سڀاڻي ٿيندا: وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو صدارت ڪندو

سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ ٻن اسڪالرن مهتاب بيگم ۽ ناجيه شيخ جا فائنل سيمينار سڀاڻي 18 مارچ تي منعقد ٿي رهيا آهن، ٻنهي اسڪالرن جا فائنل پي ايڇ ڊي سيمينار انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۾ ٿيندا، جڏهن ته ڊاڪٽر عاشق علي جهتيال ٻنهي اسڪالرن جو سپروائيزر ۽ پروفيسر ڊاڪٽر منيرالدين سومرو ڪو سپروائيزر آهي. اسڪالر مهتاب بيگم ۽ ناجيه شيخ پنهنجي پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪنديون. ٻنهي سيمينارن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪندو، جڏهن ته فئڪلٽي آف ڪامرس اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو پڻ موجود هوندو.

Author: Director ITSC 03/18/2021
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرسمس ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران عدالتي حڪمن جي تعميل جو سلسلو...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي...
View Details → 12/18/2025