ورلڊ بئنڪ ٽيم جو ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جو دورو، ماھيگيري کي ھٿي وٺرائڻ ۽ مڇي جي پيداوار وڌائڻ لاء مڪمل سھڪار ڪرڻ جي خاطري

ورلڊ بئنڪ جي ٽيم سنڌ يونيورسٽي جي ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جو دورو ڪيو. ٽيم ۾ شامل مريم چوڌري، راحت جبين ۽ الطاف اقبال ڊپارٽمينٽ جو جائزو ورتو ۽ اتي موجود سھولتن ۽ ليبارٽري جو معائنو ڪيو. ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري کين سنڌ يونيورسٽي جي دوري تي اچڻ تي ڀليڪار چيو. ان موقعي تي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ڊپارٽمينٽ جي باري ۾ کين تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنسز پروفيسر ڊاڪٽر وزير علي بلوچ چيو ته آبي حياتي کي جديد طريقن سان وڌائي عوام لاء فائديمند بنائي سگهجي ٿو. مريم چوڌري صلاح ڏني ته سنڌ فشريز ۽ فريش واٽر بائلاجي گڏجي ماحول دوست، روزگار جي ذريعن  ۽ کاڌ و خوراڪ خاص طور ماھيگيري جي منصوبن تي گڏجي ڪم ڪن ته ورلڊ بئنڪ ڀرپور مدد فراھم ڪندي. ملاقات ۾ ڊائريڪٽر جنرل انلينڊ سنڌ فشريز ڊاڪٽر مير الله داد ٽالپر ڊپارٽمينٽ جي سھولتن جا تفصيل ڏنا ۽ مستقبل ۾ مڪمل تحقيقي ۽ تجرباتي  سھڪار جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر نعيم طارق ناريجو، پروفيسر ڊاڪٽر مختيار احمد مھر، پروفيسر ڊاڪٽر انيلا نازسومرو، پروفيسر ڊاڪٽر  ذوالفقار زيدي, ڊاڪٽر پنھل خان لاشاري، ڊاڪٽر بارادي وارياني، ڊاڪٽر حميده ڪلھوڙو، ڊاڪٽر اسلم جروار، ڊاڪٽر عبدالطيف ڪورائي، ذوالفقار لاڙڪ، ڊاڪٽر مريم شيخ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.