سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاران ڪامرس جي پروفيسر ڊاڪٽر عاشق جهتيال جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، عذر خواهي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر ممد صديق ڪلهوڙو انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عاشق جهتيال جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سندس پونيئرن سان تعزيت ڪئي آهي. پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته کيس ڊاڪٽر عاشق جهتيال جي لاڏاڻي تي دلي ڏک پهتو آهي ۽ هو هن مشڪل گهڙيءَ ۾ مرحوم جي پونيئرن سان گڏ آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر عاشق جهتيال جون سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ وڏيون خدمتون آهن، جيڪي هميشه ياد رکيون وينديون. وائيس چانسلر مرحوم جي مغفرت ۽ پونيئرن جي صبر لاءِ ڌڻيءَ در دعا پڻ گهري. پروفيسر ڊاڪٽر عاشق جهتيال 1994ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس شعبي مان بي ڪام ڪئي، جنهن بعد 1996ع ۾ ايم ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر جهتيال 2002ع کان 2004ع تائين ڄاڻايل شعبي مان ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ 2007ع کان 2011ع تائين انگلينڊ جي براڊفورڊ يونيورسٽي اسڪول آف مئينجمينٽ مان هيومن رائيٽس مئنيجمينٽ ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي، جنهن بعد ساڳي يونيورسٽيءَ مان 2012ع ۾ پوسٽ ڊاڪ مڪمل ڪئي. ڊاڪٽر عاشق جهتيال پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ايم ڪام مڪمل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڪامرس انسٽيٽيوٽ ۾ 1999ع کان ريسرچ ائسوسيئيٽ طور ڪم ڪندي ڪئي، جهن بعد 2000ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 2007ع کان 2013ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. 2013ع ۾ هو ائسوسيئيٽ پروفيسر مقرر ٿيو، جنهن کان پوءِ 2015ع ۾ هو 21 هين گريڊ ۾ پروفيسر بڻجي ويو. اهڙيءَ طرح اپريل 2017ع ۾ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ اينڊ گريجوئيٽ اسٽڊيز ۾ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. بعد ۾ کيس پنهنجي ئي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر عاشق جهتيال جي پي ايڇ ڊي جو موضوع “انساني وسيلن جو انتظام ۽ قومي ثقافت: پاڪستان جو تجرباتي ثبوت” هو. جڏهن ته پوسٽ ڊاڪ دوران سندس تحقيقي موضوع “ترقي پذير ملڪن ۾ سماجي ڪاروبار جو اثر: ڪارپوريٽ سماجي ذميداريءَ جو معاملو” هو. ڊاڪٽر جهتيال جي لاڏاڻي جي خبر تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو. سندس ساٿي استاد ساروڻيون ساريندي کيس ياد ڪندا رهيا.