سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي صدارت هيٺ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 43هون اجلاس، صوبي جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي بهترين مفاد ۾ لاڳاپيل ڪاليجن جي ايم اي (ايڪسٽرنل) پروگرام جاري رکڻ جي منظوري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 43هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ايم اي ۽ ايم ايس سي ڊگري پروگرام جاري رکڻ جو يڪراءِ فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته هيڪ جي گائيڊ لائين تحت هر پي ايڇ ڊي استاد کي سپروائيزر ۽ ڪو سپروائيزر طور ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا 12-12 اسڪالر کڻڻ جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس سنڌ خاص طور ملڪ ۾ نفسياتي مرضن ۾ واڌ سبب نفسيات جي ماهرن جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکندي ڊپارٽمينٽ آف سائيڪالاجي ۾ ڪلينڪل سائيڪالوجي ۾ هڪ سال جي ڊپلوما شروع ڪرائڻ جو به گرين سگنل ڏيئي ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 43هون اجلاس وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ٺٽي جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ڪئمپس دادو جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور ڳچل، رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو کان سواءِ سمورن ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ 11 آڪٽوبر 2021ع تي ٿيل اڪيڊمڪ ڪائونسل جي 42هين گڏجاڻيءَ کان وٺي هيل تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جا جيڪي به ملازم وفات ڪري ويا، انهن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه ڪرائي ويئي، جنهن بعد 42 هين اجلاس جا منٽس منظور ڪيا ويا. اجلاس ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته سنڌ ۾ غربت سبب هر نوجوان يونيورسٽيءَ تائين تعليم پرائڻ لاءِ نٿو اچي سگهي، پر هو ننڍيون نوڪريون ۽ ننڍا ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ پنهنجي تعليم بهتر ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ڪاليجن ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جي ڪيل فيصلي تحت ڪاليجن ۾ ايم اي ايڪسٽرنل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي توڙي ايم ايس سي پروگرامن کي ترت بند نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته ان سان خاص طور ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي نوڪريون يا ڪاروبار ڪرڻ سان گڏ پنهنجي تعليم بهتر ڪرڻ جو موقعو نه ملندو. هن چيو ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن مان شاگردياڻين جو به گهڻو تعداد يونيورسٽيءَ ۾ اعليٰ تعليم جي حاصلات لاءِ نٿو اچي، ان جو هڪ سبب مختلف قبيلن ۾ عورتن جي ٻاهر نڪرڻ تي سختي ۽ ٻيو سبب سنڌ يونيورسٽيءَ جي گرلز هاسٽل ۾ 2 هزار شاگردياڻين کان وڌيڪ شاگردياڻين جي رهائش جي گنجائش نه هئڻ آهي. اهڙي صورتحال ۾ لاڳاپيل ڪاليجن ۾ ايم اي ايڪسٽرنل ۽ يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي ۽ ايم ايس سي (پريويس) پروگرام جاري رکڻ ضروري آهي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو جو چوڻ هو ته ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ۽ ريجنل ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد پاران به يونيورسٽي اختيارين سان رابطو ڪري لاڳاپيل ڪاليجن جي پرنسپالن کي والدين پاران ڏنل درخواستن بابت آگاهه ڪيو ويو، جن ۾ به اها اپيل ڪئي ويئي ته ڪاليجن ۾ ايم اي ايڪسٽرنل پروگرام بند نه ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ميمبرن مڪمل غور ويچار کان پوءِ ايم اي ايڪسٽرنل پروگرام جاري رکڻ جي يڪراءِ منظوري ڏني. اجلاس ۾ ميمبرن کي تعليمي سال 2023ع واري سيشن کان شروع ٿيندڙ بيچلر پروگرام پولٽري فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ، پبلڪ هيلٿ، ڪوسٽل اينڊل ميرين سائنسز، انگلش لينگئيج ٽيچنگ، فارينزڪ اڪائونٽنگ اينڊ فراڊ ايگزامنيشن، ڊيٽا سائنس، اڪنامڪس اينڊ فنانس، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ڊجيٽل هيلٿ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ڊپلوما جي اسڪوپ، اهميت ۽ داخلا فيس بابت آگاهي ڏني ويئي، جنهن جي هنن منظوري ڏني. اجلاس ۾ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس جو نالو انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ رکڻ جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ پي ايڇ ڊي پروگرامن ۾ داخلائن بابت هيڪ اسلام آباد جي گائيڊ لائين کان ميمبرن کي آگاهه ڪيو ويو، جن ۾ چيو ويو آهي ته نيشنل ٽيسٽنگ سروس (اين ٽي ايس) مان گريجوئيٽ اسيسمينٽ ٽيسٽ (گيٽ) سبجيڪٽ پاس ڪرڻ بعد اسڪالرن کي داخلا ڏني وڃي، جنهن تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني ويئي. اڪيڊمڪ ڪائونسل مختلف شعبن ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائيندڙ سپروائيزرن کي پابند بڻايو ته هو پنهنجن اسڪالرن جي سالياني پروگريس رپورٽ هر صورت ۾ موڪليندا ته جيئن انهن رپورٽن جي روشنيءَ ۾ ڪم نه ڪندڙ اسڪالرن کي وارننگ ڏيئي سگهجي. اجلاس ۾ ٻيا به ڪيئي اهم تعليمي فيصلا ڪيا ويا.