سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) پاران اسپورٽس ڪوٽا تي بيچلر پروگرام ۾ داخلائن لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن کي راندين جا سرٽيفڪيٽ 10 کان 31 ڊسمبر تائين جمع ڪرائڻ جي صلاح

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) اجويد احمد ڀٽيءَ تعليمي سال 2023ع لاءِ اسپورٽس ڪوٽا تي بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلا وٺڻ جي خواهشمند اميدوارن کي صلاح ڏني آهي ته هو 10 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2022ع تائين پنهنجي راندين وارا سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائين ته جيئن ڄاڻايل سرٽيفڪيٽن جي ڇنڊڇاڻ بعد کانئن ٽرائيلز وٺي سگهجن. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڊائريڪٽر اسپورٽس (بوائز) وڌيڪ ڄاڻايو ته اميدوار پنهنجا سرٽيفڪيٽ ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس ۾ آفيس ٽائيم دوران 10 ڊسمبر کان جمع ڪرائي سگهن ٿا، جڏهن ته 31 ڊسمبر کان پوءِ ڪو به سرٽيفڪيٽ قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته باڪسنگ، بيڊ منٽن، ٽينس، فٽبال، ڪرڪيٽ ۽ ٻين راندين جا سرٽيفيڪٽ جمع ٿيڻ کان پوءِ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي، جنهن بعد ٽرائيلز جو شيڊول جاري ڪيو ويندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/08/2022
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي انسٽيٽيوشنل ڪوالٽي سرڪل ٻيهر جوڙي ...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ نے انسٹیٹیوشنل کوالٹی سرکل دوبارہ تشک...
View Details → 03/19/2026
1024 x 768
Sindh University reconstitutes institutional quality circle
View Details → 03/19/2026