سنڌ يونيورسٽي سينيٽ ۾ ٽيچرن جي سيٽن لاءِ چونڊ 30 ڊسمبر تي ٿيندي

سنڌ يونيورسٽي سينيٽ جي ٽيچرز لاءِ سيٽن تي چونڊ 30 ڊسمبر تي ٿيندي، جنهن لاءِ نامزدگيون طلب ڪيون ويون آهن. جڏهن ته رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پاران هڪ نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب 12 ڊسمبر تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ بعد سڀاڻي 16 ڊسمبر ابتدائي ووٽر لسٽ جاري ڪئي ويندي، جنهن تي دعوائون ۽ اعتراض داخل ڪرائي سگهبا. 19 ڊسمبر تي ووٽرن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي. 21 ڊسمبر تي منجهند هڪ وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا. نوٽيفڪيشن موجب ساڳئي ڏينهن يعني 21 ڊسمبر تي هڪ وڳي کان پوءِ نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي، جڏهن ته 23 ڊسمبر تي نامزد اميدوارن جي لسٽ جاري ڪئي ويندي. اهڙي طرح 26 ڊسمبر تي اميدوار نامزدگي وارو فارم واپس وٺي سگهندا. 28 ڊسمبر تي اليڪشن جو نوٽيفڪيشن ۽ حتمي اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪيو ويندو، جڏهن ته 30 ڊسمبر تي سنڌ يونيورسٽي سينيٽ ٽيچرز جي سيٽن تي اليڪشن ٿيندي. ساڳئي ڏينهن ڪامياب اميدوارن جي حتمي نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو. جڏهن ته اليڪشن نتيجن کي 2 جنوري 2023ع تي باضابطا طور نوٽيفاءِ ڪيو ويندو.