سنڌ يونيورسٽيءَ جي فارماڪوگنوسي شعبي جي اسڪالر سيرت خان جو پهريون ايم فِل سيمينار 23 ڊسمبر تي ٿيندو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي پنهنجي هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي فارماڪوگنوسي شعبي جي ايم فِل اسڪالر سيرت خان جو پهريون سيمينار جمع 23 ڊسمبر 2022ع تي صبح جو 12 وڳي فئڪلٽي آف فارميسي جي سيمينار روم ۾ منعقد ٿيندو. ان موقعي تي اسڪالر سيرت خان پنهنجي ٿيسز جو دفاع ڪندي. اسڪالر جي سپروائيزر ڊاڪٽر گيتا ڪماري ۽ معاون سپروائيزر ڊاڪٽر محمد اڪرم کتي پڻ سيمينار ۾ موجود هوندا. سيمينار جي صدارت سنڌ فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي ڪندي.